ڪنب شهر مان ڏينهن ڏٺي جو شاگردياڻي گهر ٻاهران مبينا طور اغوا، پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو.

ڪنب :  ڪنب شھر مان ڏينهن ڏٺي جو مئٽرڪ جي شاگردياڻي اسڪول ويندي مبينا طور اغوا،ايس ايس پي خيرپور جي نوٽيس بعد پوليس جا ڇاپا. حاجي عبدالحق تمراڻي پاڙي مان هٿياربند 15 سالن جي سلطانه ڌيءُ سبحان تمراڻي کي گهر ٻاهران اغوا ڪري ويا، سندس پيءُ دانهيو آهي ته عبدالستار مهراڻي ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي نياڻي کي اغوا ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري ڌيءُ کي بازياب ڪرايو وڃي. ايس ايس پي طرفان نوٽيس وٺڻ بعد ڪنب پوليس شاگردياڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ۽ پوليس سندس بازيابي لاءِ ڇاپا هنيا پر هيل تائين پوليس کي نه شاگردياڻي هٿ اچي سگهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا.