ڪمند جي وڌيڪ پيداوار لاءِ 100 کان 120 مڻ ٻج في ايڪڙ استعمال ڪيو وڃي: زرعي ماهر

سلانوالي (ڪامرس ڊيسڪ) زرعي ماهرن چيو آهي ته ڪمند جي في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ 100 کان 120 مڻ ٻج في ايڪڙ استعمال ڪيو وڃي ۽ ٻج جي چونڊ اهڙي زمين مان ڪئي وڃي جيڪا صحتمند ۽ بيمارين کان پاڪ هجي. ٻج ڪٽڻ کان پهريائين ڪمند جي ڏانڊين جي صحتمند هجڻ جي تصديق ڪرڻ گهرجي ۽ ٻج لاءِ وڍيل ٽڪرن تي گهٽ ۾ 3 کان 4 اکيون ضروري هئڻ گهرجن. ڪمند جي پوکي لاءِ رڳو کاتي طرفان منظور شده ۽ علائقي جي لحاظ کان موذون قسم جي ٻج جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ٻج تيار ڪرڻ بعد پوکي ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ۽ ٻج کي ٽن کان پنجن منٽن تائين فنگز ختم ڪرڻ واري زهر ۾ ٻوڙي پوءِ پوکي ڪرڻ گهرجي.