ڪليم امام آئوٽ، نئون آءِ جي سنڌ مشتاق مهر هوندو، وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين آءِ جي لاءِ مشتاق مهر جو نالو فائنل ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم طرفان آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي حتمي منظوري کانپوءِ وفاقي سرڪار فيصلي کان سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد نئين آءِ جي لاءِ مشتاق مهر جي نالي تي مڪمل اتفاق به ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ لڳائڻ لاءِ 48 ڪلاڪن اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. واضح رهي ته سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ ڪليم امام تي سخت اعتراض واريندي نئين آءِ جي لاءِ مشتاق مهر سميت 5 پوليس آفيسرن جا نالا وفاقي سرڪار ڏانهن اماڻيا هئا، جن مان مشتاق مهر جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.