ڪرونا وائرس: هي ڇا ٿي رهيو آهي، عوام کان ڇا پيا لڪايو؟ اظهار سومرو

دنيا ۾ ڦهلجندڙ ڪرونا وائرس جا تازه انگ اکر ٻڌائن ٿا ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ چين، ايران، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهن، برطانوي اخبار سن جي رپورٽ موجود سرڪاري طور پاڪستان ۾ ڪل 20 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻئي پاسي جهڙي ريت خاص طور سنڌ ۾ تعليمي اداره بند ڪري ڪمهليون گرمي جون موڪلون ڪيون ويون آهن، عوامي هنڌن تي سرگرميون گهٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي عوامي پروگرام به ملتوي ٿيا آهن، پي ايس ايل جا مقابلا به بنان ماڻهن جي ڪرايا ويندا، هڪ پاسي سنڌ سرڪار جي اها ڦڙتي آهي ته ٻئي پاسي وفاقي سرڪار جي سستي آهي، هوائي اڏن تان اها وبا تيزي سان دنيا ۾ ڦهلي آهي پر هتي هوائي اڏن تي وفاقي سرڪار ڪي به جوڳا بندوبست ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي ناهي، تنهنڪري ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اٿي رهيا آهن ته آخر معاملو ڇا آهي؟ سنڌ سرڪار جي سرگرمي کي ڏسي لڳي ٿو ته معاملو ڪو وڏو آهي ته پوءِ ماڻهن جو حق آهي ته اهي اهو سوال ڪن ته کين حقيقتن کا آگاه ڪيو وڃي، جهڙي ريت اسٽاڪ ايڪسچينج ڪريش ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي شٽ ڊائون ٿيڻ جون ڳالهيون به هلن پيون، عام ماڻهن جي زبان تي اهڙيون ڪئي ڳالهيون آهن جن جي سرڪاري طور ڪا تصديق نه پئي ڪئي وڃي، اها منجهائيندڙ صورتحال آهي ۽ ان حوالي سان سرڪار جي ذميواري آهي ته جيڪا به اصل صورتحال آهي ان کان ماڻهن کي آگاه ڪيو وڃي. ڇا وفاقي سرڪار ايمرجنسي لڳائڻ جي حوالي سان ائين ئي اڄ اجلاس سڏايو آهي يا معاملو واقعي به انتهائي حساس آهي، عوام کي احتياط ۽ حفاظت جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ سان گڏ سرڪار کي گهرجي ته جيڪا به صورتحال آهي ، ان جي باري ۾ سموريون حقيقتون ظاهر ڪيون وڃن ته جيئن مونجهارا ختم ٿي سگهن ۽ سرڪار سان گڏ عوام به ان وبا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. دنيا ۾ جتي به اها صورتحال سامهون آئي آهي ته اتي جي حڪومتن معاملا لڪائڻ بدران عوام کي اعتماد ۾ ورتو آهي ته جيئن ماڻهو وڌ کان وڌ احتياط ڪن جنهن جو مثال اٽلي ۾ عوامي سطح تي سڄي ملڪ ۾ شٽ ڊائون ٿيڻ آهي، تنهنڪري معاملا پڌرا ڪرڻ سان احتياط ۽ بچاءَ واري روئي ۾ وڌيڪ سنجيدگي ايندي، گڏوگڏ وفاقي سرڪار کي به گهرجي ته اها هن حساس معاملي ۾ سنڌ سرڪار وانگر سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي هوائي اڏن توڙي زميني ۽ سامونڊي رستن کان ايندڙ ماڻهن جي نگراني واري ڪم کي سخت بڻائي ڇو ته صحت جي عالمي اداري جي وارننگ کان پوءِ هاڻي ڪنهن به ڪوتاهي يا سستي جي گنجائش نه آهي.