ڪروشيا ۾ زلزلي جي جهٽڪا, عمارتون ۽ گاڏيون تباهه

زغرب: يورپي ملڪ ڪروشيا ۾ 5.3 جي شدت سان زلزلي جي جهٽڪن ۾ هڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون ۽ گاڏيون تباهه ٿي ويون.

خبرون ڏيندڙ هڪ عالمي اداري موجب يورپي ملڪ ڪروشيا ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن ۽ گاديءَ واري هنڌ 140 سالن کانپوءِ ان قسم جي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي ۽ هن وقت تائين هڪ ماڻهو فوت 40 کان وڌيڪ زخمي هئڻ جا اطلاع آهن.

ڪروشيا جي گاديءَ واري هنڌ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون زبون ٿي ويون، هورڊنگ ۽ ڀتيون ڪرڻ جي ڪري اتي موجود گاڏيون به تباهه ٿي ويون، ريسڪيو ادارن امدادي ڪم جي شروعات ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ملبي مان ڪڍيو ۽ اسپتال منتقل ڪيو.

اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي جڏهن ته متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ به قائم ڪيون ويون آهن، اسپتالن ۾ 40 کان وڌيڪ زخمين کي آندو ويو آهي جن مان 15 سالن جو نوجوان زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، شهرين کي غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.