ڪراچي ۾ 25 سالن کان معطل ٿيل ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو ٻيهر شروع

ڪراچي :- ڪراچي ۾ 25 سالن کان معطل ٿيل ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو ٻيهر شروع، ريلوي واري وزير شيخ رشيد منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پهرين مرحلي ۾ پپري کان سٽي اسٽيشن تائين ٽرينون هلنديون، 13 اسٽيشنز تيار، ڀاڙو 30 رپيا مقرر، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪي سي آر جي اڪثر زمين تي قبضا ٿيل آهن، 25سالن کان معطل ٿيل منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت زمينن تان قبضا ختم ڪرائي