ڪراچي ۾ قتل ٿيل مولانا عادل جو مڙهه سندس والد مولانا سليم الله جي سيراندي ۾ دفنايو ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ قتل ٿيل مولانا عادل جو مڙهه سندس والد مولانا سليم الله جي سيراندي ۾ دفنايو ويو، حب رِوَر روڊ تي جامعه فاروقيه فيز 2 ۾ مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور مقصد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ عالم سڳورن ۽ طالبن سوڌو تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت، جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور کي گذريل رات ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن شهيد ڪيو هو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران پتو پيو ته مولانا عادل خان ڪورنگي جي دارالعلوم تي سج لٿي جي نماز ادا ڪرڻ بعد روانو ٿيو، 7 لڳي 36 منٽن تي شاهه فيصل ڪالوني پهتو ته چئن منٽن کانپوءِ سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، ذريعن موجب هٿياربندن ڪورنگي دارالعلوم کان مولانا عادل جي پويان ويا، شاهه فيصل تي کيس نشانو بڻاي، سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ هڪ مهيني تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي، گهارو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ صحافي ۽ بزرگ شهري ٻيلهه سواري تي پابندي کان آجا قرار، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تازو ڪريڪر حملن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ مذهبي عالمن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا پيش آيا آهن، شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي.