ڪراچي ۾ فيڪٽري کي باهه، 8 پورهيت سڙي زخمي

ڪراچي := ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضابطو نه آيو، باهه واقعي ۾ 8 پورهيت سڙي زخمي، ريسڪيو ٽيمن طرفان فيڪٽري ۾ ڦاٿل عورتن سوڌو پورهيتن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو جاري، 7 فائر ٽينڊرز ۽ فائر برگيڊ گاڏيون فيڪٽري کي لڳل باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل، نيوي ۽ رينجرز جي ٽيمون جون ٽيمون به انتظاميا جي مدد لاءِ پهتل، فيڪٽري کي لڳل باهه ٽئين درجِي جي باهه قرار، ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فيڪٽري اندر وڏي مقدار ۾ پيٽرول ۽ ٿنر هجڻ سبب باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن