ڪراچي ۾ سِوِڪ سينٽر جي ٽئين فلور تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪي ڊي اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مارجي ويو

ڪراچي :- ڪراچي ۾ سِوِڪ سينٽر جي ٽئين فلور تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪي ڊي اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني مارجي ملازم حبيب الحسن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم رضا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني ۽ وسيم رضا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، پوليس چيو آهي ته فائرنگ جو واقعو ڪي ڊي اي جي لينڊ ڊپارٽمينٽ ۾ پيش آيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.