ڪراچي ۾ سخت گرمي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ، ماڻهو بيحال

ڪراچي :- ڪراچي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب شهري عذاب واري زندگي ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ويا، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ماڊل ڪالوني، صفوران ڳوٺ، سچل ڳوٺ، موسميات، ڪامران چورنگي ۽ گلستان جوهر ۾ لوڊشيڊنگ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، صدر، ڪياماڙي، گلشن اقبال، ڊفينس، لياري، قائدآباد، ڪورنگي ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي جو بحران برقرار آهي، مختلف علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيل ڪورونا جا مريض ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ٻارن جي آن لائن تعليم به متاثر ٿي وئي آهي