ڪراچي ۾ زهريلي گئس 14 ماڻهو ماري وڌا، 500 کان وڌيڪ متاثر

ڪراچي :- ڪراچي ۾ پراسرار زهريلي گئس ٻن ڏينهن اندر 14 ماڻهو ماري ڇڏيا آهن. جڏهن ته 500 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي حدن ۾ سويابين سان ڀريل ٻيڙي مان ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ جو تصديق ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ ڪي پي ٽي تي بيٺل ٻيڙي اندر سويابين جي ٽيسٽ، فضائي نمونا وٺڻ ۽  مريضن جي موبائيل هسٽري حاصل ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ پراسرار زهريلي گئس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 14 ٿي ويو.ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي پراسرار زهريلي گئس سبب 14 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، هيل تائين ضياءُ الدين ۾ 9، سول اسپتال ۽ ڪتيانا اسپتال ۾ 2-2، جڏهن ته برهاني اسپتال ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.فوتين ۾ عمران، يوسف ۽ زيب النساءَ ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته پراسرار زهريلي گئس سبب مجموعي طور متاثرن جو انگ 234 تائين پهچي ويو آهي.بيهوش ٿيلن ۾ شمس، جهانزيب، وقاص، رضوان، فرحان،. احمد غلام مصطفيٰ، مريم پٺاڻ، اختر، گنگارام، شازيه ۽ ٻيا شامل آهن.جيڪسن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملڪ عادل موجب گذريل ڏينهن جي 5 فوتگين سميت زهريلي گئس سان متاثر ٿي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڪياماڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان گئس جي متاثر لڳ ڀڳ 5 سئو ماڻهن کي اسپتال آندو ويو، جن ۾ ٻار به شامل هئا.هوڏانهن سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ سويابين ڊسٽ سبب زهريلي گئس پکڙجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري تحقيقي رپورٽ ڪمشنر ڏانهن اُماڻي ڇڏي: رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي حدن ۾ سويابين سان ڀريل ٻيڙي مان ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙي آهي. رپورٽ موجب 2 سال اڳ اسپين ۾ به سويابين مان زهريلي گئس پکڙجڻ جو واقعو پيش آيو هو. سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪامياڙي ۾ پکڙيل زهريلي گئس بابت ماهرن پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ڪامياڙي ۾ پيش آيل واقعو سويابين ڊسٽ سبب پيش آيو، ڪراچي پورٽ تي لنگر انداز ٿيل جهاز ۾ سويابين موجود آهي. اُن کان اڳ ڪي پي ٽي انتظاميا واقعي جي ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته امريڪا مان آيل ٻيڙي ۾ موجود سويابين مان گئس ليڪ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻي طرف  سنڌ سرڪار ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ فضائي نمونا وٺڻ، ڪي پي ٽي ۾ بيٺل ٻيڙي اندر سويابين جي ٽيست ۽ اسپتالن ۾ داخل مريضن جي موبائيل هسٽري حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ريلوي ڪالوني خالي ڪرائي اُتان جي آبادي کي شادي هالن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي جي ساحلي علائقي ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ واري واقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، اُن کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه زهريلي گئس متاثر علائقي جو دورو ڪيو هو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته افسوس آهي جو گئس خارج ٿيڻ واري مامري تي ڪم نه پيو ٿئي ۽ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، هوا جو رُخ تبديل ٿيڻ سبب گئس پکڙجي رهي آهي.ريلوي ڪالوني خالي ڪرڻ جو فيصلواجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ريلوي ڪالوني کي خالي ڪرڻو پوندو ۽ سمورا شادي هال خالي ڪرائي ريلوي ڪالوني جي آبادي کي اُتي منتقل ڪيو وڃي. فضائي ڪوالٽي (معيار) به خراب آهي ۽ ايئر ڪوالٽي جو معائنو ڪرايو وڃي، اهو ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي ته زهريلي گئس پکڙجڻ جو سورس يا ذريعو ڪهڙو آهي؟ڪياماڙي کان گلزار مسجد تائين علائقا متاثراجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي پي ٽي تي هڪ ٻيڙي ۾ سويابين آهي، هي ڪا اهڙي شئي لوڊ ڪري رهيا آهن، جنهن سان گئس خارج ٿي. ڪنٽينر جو در بند ڪيو وڃي ته گئس جو خارج ٿيڻ گهٽجي ويندو آهي. ڪمشنر ڪراچي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ ڪياماڙي مان گلزار مسجد تائين وارو علائقو گهڻو متاثر ٿيو آهي.ٻيڙي ۾ سويابين ۽ ونڊ ڪوالٽي جي معائني جو فيصلووڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آمريڪا مان پهتل ٻيڙي جي سويابين ۽ علائقي جي فضائي معيار جو معائنو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هن معاملي ۾ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز ۽ عوام ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ جيترا به مريض اسپتالن ۾ منتقل ٿيا، اُنهن کان موبائيل فون وٺي سڄي هسٽري حاصل ڪئي ويندي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هُن ڪور ڪمانڊر ڪراچي سان به ڳالهايو آهي، گئسز ۽ فضائي ڪوالٽي جو معائنو ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فوج به ڀرپور مدد ڪري رهي آهي.اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ متاٿر ٿيل 123 ڄڻن کي ضياءُ الدين اسپتال ۽ 10 ڄڻن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. اسپارڪو طرفان به نمونا گڏ ڪيا ويا ۽ اُنهن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هن وقت ضياءُ الدين اسپتال ۾ اهڙن مريضن جو انگ 6 آهي.