ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جر جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، دريائن جيترو پاڻي جر مان ڪڍيو وڃي ٿو: سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جر جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، صنعتن مفت ۾ ملندڙ پاڻيءَ جو قدر نه ڪيو آهي، مفت جو مال، دل بي رحم. سُپريم ڪورٽ ۾ پاڻيءَ جي اگهن ۽ استعمال جي طريقيڪار جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي سوڌو ٻين صنعتن لاءِ اگهه طئه ڪرڻا هئا، انڊسٽري کي پاڻي مفت ۾ ملي رهيو آهي ته اُنهن پاڻيءَ جو قدر نه ڪيو آهي. هي اها ڳالهه ٿي ويندي ته مفت جو مال، دل بي رحم. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته لاهور، قصو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جر جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، جيترو پاڻي دريائن ۾ آهي، اوترو ئي پاڻي جر مان ڪڍيو پيو وڃي. سرڪاري کاتا ڪهڙي اصول تحت پاڻيءَ جي رقم اوڳاڙي رهيا آهن؟پاڪستان ڪميشن فار انڊس واٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته هُنن پنهنجون سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن . صوبن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هڪ ملين ڪيوسڪ پاڻيءَ جي رقم 5 ملين ڊالرز آهي، جيڪا رقم هتي تجويز ڪئي وئي آهي، اُها امريڪا جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ڪميشن ٽي او آرز به ٺاهي ورتا آهن.