ڪراچي ڪنگز کي 61 رنسن تان شڪست

 ڪراچي (اسپورٽس خبر):- ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل فور جي 30هين ميچ ۾ ڪراچي جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪامران اڪمل ۽ امام الحق پشاور زلمي کي 137 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪئي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين 86 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته امام الحق 59 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو. ڪيرون پولارڊ 12 ۽ صهيب مقصود 12-12، وهاب رياض 11، ليام ڊاسن 9 ۽ ڪپتان ڊيرن سيمي 5 رنسون ٺاهيون. ڪراچي طرفان محمد عامر 3، ڪولن منرو 2، جڏهن ته عثمان شنواري هڪ شڪار ڪيو.جواب ۾ ڪراچي جي ٽيم 16.2 اوورن ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انگرام 71 ۽ ڪپتان عماد وسيم 30 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ٻئي ٽيمون پي ايس ايل پلي فور مرحلي لاءِ اڳ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز ٽورنامينٽ مان آئوٽ ٿي چڪيون آهن.