ڪراچي ڪنگز سخت مقابلي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 1 رنس تان شڪست

ڪراچي (اسپورٽس خبر):- پاڪستان سپر ليگ جي 28هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز سخت مقابلي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 1 رنس تان شڪست ڏئي پلي آف مرحلي ۾ جاءِ پڪي ڪري ورتي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم 56، افتخار احمد 44 ۽ ڪولن منرو 30 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ٻين رانديگرن ۾ ڪولن انگرام 24، ڊنڪ 18، ليونگ اسٽون 5، جڏهن ته ڪپتان عماد وسيم 4 رنسون ٺاهيون. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان محمد حسنين 2، جڏهن ته سهيل تنوير، محمد نواز ۽ فواد احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون. احمد شهزاد 99 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته عمر اڪمل 27، شين واٽسن 19، رلي روسو 10، ڊوائن براوو 9 ۽ انور علي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪراچي طرفان عثمان شنواري آخري اوور ۾ رڳو 4 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ پنهنجي ٽيم کي پلي آف مرحلي ۾ پهچائي ڇڏيو.