ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا ۽ ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪئمپ تي مذهبي جماعت اهل حديث جي ڪارڪنن جو حملو، نوجوانن ۽ ڌرڻي ۾ موجود عورتن ٻارڙن تي تشدد

ڪراچي (رپورٽ :رزاق عاصي) ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا ۽ ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪئمپ تي مذهبي جماعت اهل حديث جي ڪارڪنن جو حملو، نوجوانن ۽ ڌرڻي ۾ موجود عورتن ٻارڙن تي تشدد ان ڏس ۾ انساني حقن جي اڳواڻ نغمه اقتدار وائيس آف سنڌ لنڊن سان ڳالهائيندي چيو ته ان حملي کي اسين رياستي حملو سمجهون ٿا، اسين يڪجهتي طور سنڌي مسنگ پرسنز ۽ شاگردن وٽ پهتاسين پر اسان کي مذهبي انتها پسندن اسان کي چيو ته اوهين اتان نڪري وڃو نه ته اوهان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، نغه اقتدار وڌيڪ چيو ته انهن پريس ڪلب ۾ پناه وٺي پنهنجي جان بچائي، انساني حقن جي اڳواڻ نروا چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي جماعتن کي کليل ڇوٽ مليل آهي ته هو ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، هن حملي جي مذمت ڪندي چيو ته مذهبي ڌريون ڪوبه الزام مڙهي ماڻهو ماري ڇڏين انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي، اسان هڪ بلاگر لاءِ احتجاج ڪيو سين ته اسان تي پٿر وسايا ويا، اڄ شاگردن ۽ سنڌي مسنگ پرسنز جي ٽي ٿيل حملو اظهار آزادي مٿان حملو آھي، نواز زئنور چيو ته انتهاپسندي کي ته کليل ڇوٽ آھي پر پنهنجن جو پڇاڻو ڪرڻ اسان وٽ وڏي ۾ وڏو ڏوھ آهي، اسين اهڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا، امير آزاد پنهور پنهنجي بيان ۾ چيو ته مظلوم قوم جا وارث احتجاج جي حق کان به محروم آهن، جڏھن ته سنڌ سڀا جي جاري ڪيل پريس رليز موجبڪراچي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سڀا جو لڳاتار ڌرڻو چوويهين ڏينهن به جاري هيو, مذهبي جماعت جي تنظيمن ڪئمپ تي حملو ڪري، مظلوم ڪٽنبن ٽوڙي همدرن سان ظلم ڪيو آهي، جاري ڪيل پريس رليز ۾ سنڌ سڀا ڄاڻايو آهي ته اڄ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا ۽ کنڀي گم ڪيلن جي وارثن وڏي تعدد ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو . مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ سڀا سرواڻ سنڌي انعام، کنڀي گم ڪيل الله بخش جمالي جي امڙ ڄامزادي, کنڀي گم ڪيل سردار ملاڻو جي ڀاءُ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نوجوانن، ٻارن ٻڍن کي بنا جواز، بنا ڪنھن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو غيرانساني ۽ غيرقانوني عمل آھي،اسان جي گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان گھڙي ماڻھو کنڀڻ بند ڪيو وڃي، کنڀي گم ڪيل آخري ماڻهو جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو, جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته احتجاج جڏهن رياستون ڪمزور ٿينديون آهن ته انهن جو ظلم وڌي ويندو آهي, سنڌين سان ظلم به رياستي ڪمزوري جو مظهر آهي, اسان کي يقين آهي ڀتي ٿيل ديوار ۾ اسان کي گهڻو عرصو قيد نٿو رکي سگهجي, اسان جي جدوجهد جي ڪري کنڀي گم ڪيل پيارا ضرور آزاد ٿيندا, احتجاج جي نور باگڙي, هاني بلوچ, ولي محمد راڄپر ۽ ٻين خطاب ڪيو.