ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد پاران 5 مئي تي گاڏيون روڊن تي آڻڻ جو اعلان

ڪراچي :- ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد بخاري اعلان ڪيو آهي ته 5 مئي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تي آندي ويندي، حالتون خراب ٿيون ته ذميواري صوبائي حڪومت هوندي، هن چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت جيڪڏهن ان معاملي تي دٻائڻ چاهي ٿي ته ٽرانسپورٽرن کي گرفتارين جي ڪابه پرواهه ناهي. هن چيو ته موجوده فيصلن سبب غريب ٽرانسپورٽر ۽ ورڪر فاقا ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومت لاڪ دائون ڪري دنيا ۾ شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، ارشاد بخاري چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپورٽرن جي وفد سان گڏ ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير اويس قادر شاهه ۽ تعليم واري وزير سعيد غني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽرن پاران تجويز پيش ڪئي وئي ته جيڪڏهن گاڏيون هلائڻ لاءِ حالتون اجازت نه ٿيون ڏين ته وڏي وزير کي چئو ته ٽرانسپورٽ ۽ ورڪرن لاءِ لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي، پر سعيد غني جواب ڏنو ته مرڪز اسان جي ڪابه مدد نه ٿو ڪري تنهن ڪري اسان وٽ فنڊ ختم ٿي ويا آهن، امدادي پيڪيج جو اعلان ته نه ٿو ڪري سگهجي پر ٻن ٽن ڏينهن تائين اوهان کي ايس او پيز تحت گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي، ارشاد بخاري ٻڌايو ته ٻن ڏينهن بعد ٽرانسپروٽ واري وزير سنڌ ايئرڪنڊيشنڊ بس اونرز ايسوسيئيشن کي گهرائي چيو ته گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.