ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد طرفان سڀاڻي کان بسون هلائڻ جو اعلان

ڪراچي :- ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد سومر کان بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر چيو ته هو ايس او پيز تي عمل ڪندي ٽرانسپورٽ هلائيندا. هن چيو ته جيڪڏهن گاڏيون بند ڪيون ويون ۽ ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو ته ڌرڻو هنيو ويندو. ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر چيو ته هو ٽرانسپورٽ هلائڻ دوران احتياطي اپائن تي مڪمل طور عمل ڪندا، کين  گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي