ڪراچي واسين قرباني لاءِ مختص ڪيل پوائنٽس کي نظر انداز ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- ڪراچي واسين قرباني لاءِ مختص ڪيل پوائنٽس کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، روڊ رستن تي جانور قربان ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، شڪارپور، ٺٽو، سجاول، ٿرپارڪر سميت ٻين شهرن ۾ به روڊ رستن تي جانور قربان ڪيا پيا وڃن.