ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي خصوصي پيڪيج لاءِ اهم اڳڀرائي, ڪميٽي قائم

ڪراچي :- ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي خصوصي پيڪيج لاءِ اهم اڳڀرائي، سنڌ سرڪار عملدرآمد ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پراونشل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي جو سربراهه وڏو وزير مراد علي شاهه هوندو، پي سي آءِ سي جي ميمبرز ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي جو سيڪريٽري ۽ فائيوَ ڪور جو نمائندو شامل، اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندا به ڪميٽي ۾ شامل هوندا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سموريون لاڳاپيل ڌُريون پي سي آءِ سي لاءِ پنهنجا نمائندا فوري طور مقرر ڪنديون.