ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس کانپوءِ به وفاق طرفان آئيلينڊ اٿارٽي ۽ ٻيٽن جي حوالي سان وڌيڪ 2 اشتهار جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي : ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس کانپوءِ به وفاق طرفان آئيلينڊ اٿارٽي ۽ ٻيٽن جي حوالي سان وڌيڪ 2 اشتهار جاري ٿيڻ جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڌيڪ شهرين آئيلينڊ اٿارٽي خلاف پٽيشنز داخل ڪري ڇڏيون، عدالت طرفان ڌُرين کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ شهاب اوستو چيو ته عدالت طرفان نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ به وفاق وڌيڪ 2 اشتهار جاري ڪري ڇڏيا، اسسٽنٽ اَي جـِي سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪي آهي، سنڌ اسيمبلي به ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو، صوبائي حڪومت کي ڪنهن به ڪم جي حوالي سان اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، عدالت ڌُرين کي قانوني نقطن تي دليلن لاءِ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي