ڪراچي جي نادرن باءِ پاس وٽ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گلشن معمار ٿاڻي تي مقرر سب انسپيڪٽر يار محمد شهيد ٿي ويو

ڪراچي :- ڪراچي جي نادرن باءِ پاس وٽ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گلشن معمار ٿاڻي تي مقرر سب انسپيڪٽر يار محمد شهيد ٿي ويو. ايس ايس پي ملير عرفان بهادر واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. آءِ سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي کان جلد رپورٽ طلب ڪري ورتي