ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو بيدردي سان قتل

ڪراچي :- ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو بيدردي سان قتل ٿي ويو، جوهر آباد واري علائقي مان عيد ڏهاڙي گهر مان 3 ڏينهن پراڻا لاش هٿ ڪيا ويا، ڇريون هڻي قتل ڪيل 21ورهين جي زاهد ۽ 20ورهين جي سميرا يوسفزئي جا گهر مان لاش مليا ، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جي پيءُ جي فرياد تي سندس پٽ واقپ کي گرفتار ڪيو، سندس نشاندهي تي لاش هٿ ڪيا آهن، جوڙي ڪجهه وقت اڳ پيار جو پرڻو ڪيو، پنج ڏينهن اڳ جوهر آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جوڙي جا لاش ملڻ بعد علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي.