ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هڪ عمارت جي اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا،28زخمي

ڪراچي :- ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هڪ عمارت جي اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 کان وڌيڪ ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب صبح جو ساڍي 9 وڳي گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي تي قائم 4 ماڙ عمارت ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهي وارين عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا. ريسڪيوذريعن موجب ڌماڪو 4 ماڙ عمارت جي پهرين فلور تي ٿيو جنهن جي هيٺان هڪ نجي بينڪ به قائم آهي جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت ڪرڻ سان ڪيتريون گاڏيون دٻجي تباهه ٿي ويون. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ڌماڪي سبب عمارت سخت متاثر ٿي ٻه فلور مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 16 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن ۾ بينڪ جو عملو به شامل آهي، جڏهن ته مارجي ويلن ۾ هڪ بينڪ جو گارڊ به شامل آهي، جن مان 7 ڄڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران ڌماڪو سلينڊر جو معلوم ٿيو آهي، پران حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ڌماڪي بابت ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته گلشن اقبال ۾ واقع مسڪن چورنگي ڌماڪو گئس پائيپ لائين ليڪيج جو نتيجو ناهي، ڌماڪو صبح ساڍي 9 وڳي گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي وٽ واقع رهائشي عمارت ۾ ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس پائيپ لائين ليڪيج جو نتيجو نه آهي، متاثر عمارت جي گئس بند ڪئي وئي آهي، انچارج سي ٽي ڊي مظهر مشواني جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور ڌماڪو گئس سلينڊر لڳي ٿو.