ڪراچي جي ايوب ڳوٺ ۾ هٿياربندن کير جي دڪان تان ڦر جي دوران فائرنگ ڪري نينگر رتيڪ ولد پريم کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- ڪراچي جي ايوب ڳوٺ ۾ هٿياربندن کير جي دڪان تان ڦر جي دوران فائرنگ ڪري نينگر کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري وڌو. پوليس موجب هٿياربندن کير جي دڪان تان ڦر ڪرڻ آيا ته دڪاندار دروازو نه کوليو جنهن تان ڦورو ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري شهدادپور واسي نينگر رتيڪ ولد پريم مارجي ويو ۽ دڪاندار شهباز سخت زخمي ٿي پيو. مقتول نينگر دڪان ٻاهران برف کپائيندو هو. پوليس چيو واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي