ڪراچيءَ ۾ ٽن وڏن نالن جي صفائي جو ڪم ايف ڊبليو او حوالي، برساتي وهڪرن مٿان قائم حددخليون به ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :- وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چوماسي جي اسپيل ۾ 63 کان 86 ملي ميٽر هڪ ڪلاڪ کان گهٽ ۾ برسات پئي،  سندن نيڪال جو نظام 30 منٽن ۾ 25 ايم ايم کان 30 ايم ايم برسات جو پاڻي ڪڍي سگهي ٿو. وڏي وزير سيد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي لفيٽيننٽ جنرل همايون عزيز، اين ڊي ايم اي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل محمد افضل، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي ايم سي جا 38 نالا آهن، ڊي ايم سيز جا 514 ننڍن نالا آهن. وڏي وزير چيو ته چوماسي جي اسپيل ۾ 63 کان 86 ملي ميٽر هڪ ڪلاڪ کان گهٽ ۾ برسات پئي،  سندن نيڪال جو نظام 30 منٽن ۾ 25 ايم ايم کان 30 ايم ايم برسات جو پاڻي ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته مسئلي وارن  هنڌن ۾ گجر نالا، لياقت آباد، شير شاهه سوري روڊ جيڪو گرين لائن سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته گرين لائن جي ڊزائن ۾ ٿورو مسئلو آهي، جنهن سان پاڻي بيهي ٿو. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڪشمير ڪالوني ڪورنگي نالي جي آخري حصي ۾ به مسئلو آهي. وڏي وزير چيو ته گلستان جوهر کانسواءِ اهي علائقا جتي حددخليون آهن، گلشن ظفر، پي سي ايڇ ايس ۾ به حددخلين سبب مسئلا  پيدا ٿي رهيا  آهن. هن چيو ته گرين لائن جي انفرااسٽرڪچر گجر نالي ۾ پراڻي نظام کي روڪي ڇڏيو آهي، سولجر بازار جي نالي ۾ پٿر وجهي چوڪ ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته سيوريج سسٽم کي جديد بڻائڻو پوندو. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته سيوريج سسٽم ۾ سيڊيمنٽس روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. وڏي وزير چيو ته کين سيوريج سسٽم کي برساتي پاڻي جي سسٽم کان ڌار ڪرڻو پوندو