ڪجهه ماڻهو مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي تي چڙهائي جا حامي هئا: چوڌري شجاعت

اسلام آباد :- مسلم ليگ ق سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي تي چڙهائي جا حامي هئا، وزيراعظم عمران خان سان ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو، چوڌري پرويز الاهي حڪومتي ڪميٽي جو ميمبر نه هو جنهن تي  کيس مشورو ڏنو ته هو وزيراعظم سان ڳالهائي. هڪ بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته پرويز الاهي عمران خان سان ملاقات ڪري کيس مشورو ڏنو ته جيڪڏهن جهيڙو شروع ٿيو ۽ ڪو ماڻهو مري ويو ته ڪو به ذميواري نه کڻندو، پرويز الاهي عمران خان کي ٻڌايو ته وزيراعظم کي هر شيءَ جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پرويز الاهي جي ٻڌائڻ تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو ۽ معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان معاملي تي سندن پارٽي تي الزام هنيو ويو، پرويز الاهي جي گڏيل سوچ تي عمل ڪندي معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿيو. چوڌري شجاعت حسين چيو ته تاريخ ۾ پهريون ائين ٿيو جو مدرسن جا طالب ۽ پوليس ڪجهه وکن تي آمهون سامهون هئا پر جهيڙو نه ٿيو ۽ هڪ ڪلاس به نه ٽٽو. هن چيو ته عام ماڻهو سوچي به نه پئي سگهيو ته تنهن وقت حالتون ڪهڙيون هونديون، هڪ طرف پوليس ۽ ٻئي طرف مدرسن جا طالب مولانا فضل الرحمان جي آرڊر جو انتظار ڪري رهيا هئا پر مولانا ڇڪتاڻ دوران دور انديشيءَ جو مظاهرو ڪيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف مليحا لوڌي کي بغاوت ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهڙي قدم سان صحافي برادري ۽ عالمي ڪميونٽي ۾ تاثر سٺو نه هوندو ۽ گرفتاري جي صورت ۾ نتيجا سٺا نه هوندا. چوڌري شجاعت حسين چيو ته جيڪڏهن هاڻي معاملا گڏيل مشوري سان حل ڪيا وڃن ته کيس اميد آهي ته معاملا حل ٿي ويندا ڇو ته ملڪ  جي بحران کي سڀ شيون وساري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان مير شڪيل الرحمان ۽ 24 سميت ٻين ڌرين جا مسئلا صلاح مشوري سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اميد آهي ته ميڊيا سان معاملا حل ٿي ويندا، ان سلسلي ۾ شبلي فراز به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو