ڪامياب اتحادن جي نتيجن کي سامهون رکي هڪ مظبوط اتحاد جوڙي سگهجي ٿو.قوم پرست اڳواڻ ۽ ساڃهه وند

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٽن مک قوم پرست جماعتن جي سربراهن ۽ ساڃهه وندن جو غير رسمي اجلاس سنڌ جي نامياري سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي جي ميزباني هيٺ لطيف آباد واري رهائش تي ٿي گذريو.جنهن جي صدارت امريڪا مان آيل سماج سڌارڪ ۽ فني ماهر علي نواز ميمڻ ڪئي-ان غير رسمي اجلاس ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراه سيد جلال محمود شاهه, سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجي ۽ ناليوران دانشورن ۽ ساڃهه وندن ڊاڪٽر رجب ميمڻ ,پروفيسر مشتاق ميراڻي , جامي چانڊيو, محسن جويو , ظفر جوڻيجو, دبئي مان آيل سليم شيخ ادريس چانڊيو شرڪت ڪئي-اجلاس سنڌ جي سياسي سماجي اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ويو- ان موقعي تي گڏيل راءِ سان سنڌ جي بنيادي معاملن ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري , سنڌين جي حق حاڪميت ۽ جاگرافيائي وحدت ڪرپشن,تعليم ,ناڻو , قدرتي وسيلن , پاڻي ۽ زراعت وغيره کي سنڌ جا بنيادي مسئلا قرار ڏئي گڏيل جدوجهد جي پيش قدمين تي ويچاريو ويو-قوم پرست قيادت ۽ ساڃهه وندن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته جيتوڻيڪ سياسي جماعتن جون حڪمت عمليون مختلف آهن پر سنڌ جي بنيادي مسئلن تي سنڌي عوام توڙي پارٽين ۾ اتفاق راءِ موجود آهي ۽ ڪير به ان گمان ۾ نه رهي ته سنڌي عوام پنهنجي قومي حقن ۽ وسيلن جي لاءِ پرامن سياسي جدوجهد ۾ گڏجي اڳڀرا نه ٿيندا. ان موقعي تي سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت سان ڪيترن ئي معاملن ۾ سنڌ جي جائز آئيني ۽ قانوني شيئر لاءِ گهربل جدوجهد ۽ لابنگ نه ڪرڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو-ٻئي پاسي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ جا حق پارلياماني جمهوريت سان مشروط آهن.سياسي قيادت ۽ ساڃهه وندن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ويجهي ماضي ۾ آدم شماري ڪميٽي , سنڌ بچايو ڪميٽي۽ اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ڪميٽي جهڙن ڪامياب اتحادن جي نتيجن کي سامهون رکي هڪ مظبوط اتحاد جوڙي سگهجي ٿو. جنهن جا بنياد عقلي سائنسي ۽ رٿابندي تي مشتمل هجن. ان موقعي تي سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ,عورتن ۽ ٻارن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ مذهبي اقليتن سان ڏاڍاين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته جڏهن رياست ۾ سڀني شهرين جا حق برابر نه هجن ته پوءِ اها صورتحال بدترين طرز حڪمراني جو مثال آهي ۽ ان لاءِ سياسي پارٽي جي رهنمائن, سول سوسائٽي جي ڪردار کي وڌائڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ساڃهه وندن پاران اهڙن اجلاسن کي مستقل بنيادن تي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو-