ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي: سنڌ جي اِتهاس جو هڪ سچو پچو وڏو ماڻهو! – جامي چانڊيو

دنيا ۾ وڏن ماڻهن جي ڪابه هڪ وصف، صورت، معيار ۽ ماڻ يا ماپو نه آهي. وڏا ماڻهو هر شعبي ۾، هر صورت ۾، هر سطح تي ۽ هر رنگ ۾ ٿي سگهن ٿا ۽ انساني اتهاس جي رِلهيءَ ۾ وڏن ماڻهن جي هستين، ڪارنامن، خيالن، ڪردارن، سورهيائين، فلسفن، فڪري واٽُن، قربانين، تخليقن ۽ فني شاهڪارن جا انيڪ گوناگون رنگ ڀريل آهن. ڪنهن چيو هو ته عظيم فن اُهو جيڪو حيرت کي جنم ڏئي، ان حوالي سان مان چوندس ته وڏو ماڻهو اُهو جنهن جي هستي ۽ حياتي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي- ته وَڃُ! ماڻهو ايئن به ٿي سگهي ٿو! يا حياتي ايئن به گذاري سگهي ٿو! ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي اسان ڪنهن به عالمي انساني معيار مطابق حقيقي طور هڪ وڏو ماڻهو چئي سگهون ٿا. جيئن ڪنهن عظيم فن پاري کي ڏسي ماڻهوءَ کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، تيئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي حياتي، ڪمٽمينٽ، ڪارنامن، قلمي ۽ تخليقي پورهيو، قربانيون ۽ انقلابيت ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پئجيو وڃي. مان جڏهن به اهڙن ماڻهن جي حياتين جو مطالعو ڪندو آهيان ته ڄڻ سچ پچ به اتساهه جي سرچشمن مان سيراب ٿيندو آهيان. سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪير سڏائي؟ ڪير ٿو هن جي جُتيءَ ۾ پير پائي سگهي! لطيف سائينءَ شايد اهڙن کاهوڙين لاءِ ئي چيو هو ته:

جوڳيئڙا جهانَ ۾، نُوري ۽ نارِي،

ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي سموري حياتي پاڻ کي هڪ عاشق پرواني جيئن ٻاري، سنڌ ۾ روشن خياليءَ، ترقي پسنديءَ، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جون شمعون ٻاريون- وڏي ڳالهه ته نه ڪڏهن ٿَڪو، نه ساهي پٽيائين، نه عوام ۽ قوم کي بي شناسيءَ جون ميارون ڏنائين ۽ نه وري پنهنجي “ٻري” ٻارڻ تي خود قياسي ڪيائين. وڏن ماڻهن جو اِهو وَڙُ ئي ناهي هوندو.

مونکي اهو ارمان هميشه رهندو جو مون زندگيءَ ۾ ان عظيم هستيءَ کي ڪونه ڏٺو، جيتوڻيڪ هو منهنجي والد پروفيسر عبدالحئي چانڊيي جو تمام دل گهريو دوست ۽ ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ڪندڙ هڪ فڪري استاد پڻ هو. بابا، مولانا عبدالڪريم ٻير وارو ۽ پير بديع الدين راشدي پير جهنڊي وارو دارلهديٰ ٺيڙهيءَ مان گڏ فارغ التحصيل ٿي “مولوي عالم فاضل” جا صاحبِ سَندَ ٿيا، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي کانئن ٽي سال سينيئر هو. بابا جي هڪ مذهبي عالم مان هڪ ترقي پسند اسڪالر ٿيڻ ۾ ابتدائي ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو هو، ان ڪري مون پنهنجيءَ سانڀر ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ بابت اتساهيندڙ ڳالهيون پنهنجي والد ۽ پليجي صاحب کان ٻُڌيون ۽ ٻئي سنڌ جي هن يگاني ماڻهوءَ جون ساراهون ڪندي، سندس عظمت جا ڳُڻ ڳائيندي، ڪڏهن ڪونه ٿَڪا. پليجو صاحب لطيف کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سڀ کان وڌيڪ احترام ۽ بار بار ذڪر ڪندو آهي ته اُهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي.

موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ بکو ديرو ۾ 7 آڪٽوبر 1901ع تي فقير الهداد خان جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيءُ سڀاڳو ٻار، اڳتي هلي پنهنجي سوچ، ڪردار ۽ قربانين توڙي جدوجهد سبب “باباءِ سنڌ” جي لقب جو ڌڻي ٿيو. هو پرائمري پنهنجي ڳوٺ بکو ديري ۽ باقراڻيءَ ۾ پڙهيو. 1918ع ۾ سنڌي فائنل ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو کيس اسڪالرشپ ملي پر هو سنڌ مدرسته الاسلام لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. 1923ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم هن ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هو هميشه هڪ مثالي شاگرد رهيو ۽ اُهو ئي سبب هو جو هو سدائين اسڪالرشپس تي پڙهيو. 1927ع ۾ هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان فارسي ٻوليءَ ۾ بي اي پاس ڪئي. جيتوڻيڪ هو عربيءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جو به وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. سرڪاري ملازمت جي شروعات هن 1928ع ۾ وڏي منشيءَ يعني اسسٽنٽ مختيارڪار جي حيثيت سان ڪئي پر سُتت ئي مختيارڪار جي امتحان ۾ سنڌ ۾ اول نمبر آيو ۽ هن مختيارڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو تڏهن آيو جڏهن هن سرڪاري ملازمت جا 15 سال پورا ڪري، 1945ع ۾ پنهنجي اعليٰ منصب يعني ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن سموري تعليمي ۽ پيشه ورانه سفر دوران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڄڻ ته هڪ اصلي داخلي ۽ فڪري سفر پنهنجي اندر ۾ به ڪيو هو ۽ جڏهن هو هن مختصر زندگيءَ کي ڪو عظيم مقصد ۽ ڪارج ڏيڻ جي پَدَ تي پهتو ته پوءِ شايد هن لاءِ طبقو، منصب، حيثيت، مراعتون ۽ عارضي زندگيءَ جو سُک اهم نه رهيا. اِهو ئي اُهو مرحلو هوندو آهي، جتي عام ماڻهو، وَڏَ-ماڻُهائپ جي منزل تي پُڄي، ڄڻ ته نئون جنم وٺي وڏا ماڻهو ٿي ويندا آهن. اهو ئي اندر جو پنڌُ هو، جنهن هڪ خوشحال ۽ زميندار گهراڻي سان واسطو رکندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر کي سنڌي هارين توڙي سنڌ جي هڪ قومي ۽ طبقاتي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ اُن زماني ۾ هڪ سنڌي مسلمان گهراڻي سان واسطو رکندڙ فرد لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تي پُڄڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي پر اِهو ته زماني جو معيار هو، حيدر بخش جتوئيءَ لاءِ ته اعليٰ ڪاموري ٿيڻ جي ڀيٽَ ۾ اعليٰ ڪامريڊ ٿيڻ وڏو ۽ حقيقي منصب هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو ته عالمي طور هڪ ڄاتل سڃاتل يهوديءَ جي حيثيت ۾ نئين ٺهيل ملڪ جي پهرين سربراهه ٿيڻ جي آڇ آئن اسٽائن کي ڪئي وئي هئي پر سندس جواب ڪمال هو. هڪ سِٽ ۾ جواب ڏنو هئائين ته، “مان سائنسدان آهيان، پنهنجو وقت ضايع ناهيان ڪندو.” ڪامريڊ جتوئيءَ جو اِهو فيصلو به اهڙو ئي هو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي منصب تان استعيفيٰ ڏئي 1945ع ۾ “سنڌ هاري ڪميٽيءَ” ۾ شامل ٿيو، جيڪا جمشيد مهتا، ڄيٺمل پرسرام، عبدالقادر ميوا خان کوکر، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ حاتم علويءَ جي گڏيل ڪوششن سان 1930ع ۾ قائم ٿي هئي پر اها هڪ ڪميٽي هئي ۽ ڪا وڏي سياسي ۽ عوامي تحريڪ نه بڻجي سگهي، سبب شايد اهو به هو ته کيس ڪامريڊ جتوئيءَ جي سطح جو ڪُل وقتي اڳواڻ نه ملي سگهيو هو. وقت سان گڏ ۽ ان وقت جي ننڍي کنڊ جي سياسي حالتن سبب اُها ڪميٽي ماٺي ٿي چڪي هئي. 1945ع ۾ جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو ڄڻ ته نئون جنم ٿيو. هونئن به سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو پهريون دور سنڌ ۾ هاري سياست يا طبقاتي جدوجهد بابت ڪو وڏو تحرڪ پيدا نه ڪري سگهيو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي شموليت کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ هاري سياست يا طبقاتي جدوجهد سگهاري انداز سان سامهون آئي. هاري ڪميٽيءَ طرفان “هاري حقدار” نالي اخبار شايع ٿيڻ شروع ٿي، جنهن سنڌ ۾ هارين جي مسئلن تي لکڻ شروع ڪيو، سندن مفادن جي تحفظ لاءِ مطالبا سامهون اچڻ شروع ٿيا. ڪامريڊ جتوئيءَ شروعات ڪئي ۽ پوءِ هاري انقلاب بابت شاعري، مضمون ۽ ليک شايع ٿيڻ شروع ٿيا. هڪ وڏيرڪي سماج جي ڊِنگَ وڏيرن خلاف چونڊن ۾ بيهڻ جي روايت سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ وڌي.1950ع ۾ ضلعي دادوءَ ۾ پير الاهي بخش جي سيٽ خالي ٿي ۽ اُن تي تڏهوڪي وڏي وزير ايوب کهڙي جو سالو اليڪشن ۾ بيٺو ته ڪامريڊ سندس خلاف اُٿي بيٺو پر کيس سرڪاري ڪارندن هٿان اغوا ڪرائي کيس اليڪشن ۾ فارم ڀرائڻ نه ڏنو ويو ۽ ايوب کهڙي جو سالو بنا مقابلي چونڊجي ويو. 1951ع ۾ قمبر ۾ ڪامريڊ جتوئي، غيبي خان جي پوٽي سردار سلطان احمد خان چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو ۽ اليڪشن ۾ بيٺو. اُنَ تَڪَ تي هڪ طرف ڪامريڊ جتوئيءَ سان سڄي سنڌ جو شعور گڏ هو ۽ ٻئي طرف روايتي وڏيراشاهي ۽ بي شعور عوام هو. انهن چونڊن ۾ ڪامريڊ ۽ سندس ساٿين سان جيڪي عقوبتون ٿيون، اِهو سنڌ جي سياسي تاريخ جو تاريڪ باب آهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ هاري ڪميٽيءَ جي اپيل تي نواب سلطان احمد به اُها سيٽ کٽي نه سگهيو جو اليڪشن ڪميشن کيس نااهل قرار ڏنو، جو اليڪشن ۾ بيهڻ جي سندس عمر ئي نه هئي ۽ سندس تعليمي سرٽيفڪيٽ ڪوڙو ثابت ٿيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ عوامي سطح تي هاري ڪانفرنسن جي روايت کي سگهارو ڪيو ۽ رتيديري (1948-1951ع)، لاڙڪاڻي (1955-54ع)، لالو رائنڪ (1957ع) ۽ ٻين شهرن ۾ ڪوٺايل انهن تاريخي ڪانفرنسن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي سَڏَ تي سائين جي ايم سيد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، جمال الدين بخاري، قادر بخش نظاماڻيءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ قاضي عبدالغفار سميت سنڌ جا ڏاها ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيندا هئا. هاري حقدار ڪانفرنس ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جي سنڌ اسيمبليءَ آڏو هزارين هارين جي مزاحمتي احتجاج جو ئي نتيجو هو جو تڏهوڪي وڏي وزير يوسف هارون نيٺ ڪامريڊ حيدر بخش ۽ سندس ساٿين کي مذاڪرات لاءِ گهرايو ۽ نيٺ 13 اپريل 1950ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو. صوفي عنايت شهيد جي هن فڪري وارث سنڌ ۾ هارين ۾ نه رڳو سجاڳي آندي، سندن آواز بڻيو پر سندن حقن لاءِ انيڪ جدوجهدون پڻ هلايون، مولوي نذير حسين جتوئي، مولوي عزيزالله جروار، ڪامريڊ عبدالواحد سومرو، نبي بخش تونيه، مولوي الاهي بخش قريشي، ڪامريڊ قاضي غفار (وارهه وارو) ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سندس خاص ساٿي هوندا هئا. اُن زماني ۾ هاري زميندار جو لاڳاپو قانوني طور واضح نه هو ۽ اڌو اڌ بٽئيءَ جو عملي طور ڪو تصور به نه هوندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي انهن جدوجهدن سنڌ ۾ اڌو اڌ بٽئيءَ جو سوال اُڀاريو ۽ نيٺ 1950ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي صورت ۾ ان کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بنيادي طور هڪ وڏو دانشور، اديب ۽ ڪميٽيڊ شاعر پڻ هو. هن جي تعليمي رڪارڊ، پيشه ورانه اهليت ۽ سياسي ڪارنامن سان گڏوگڏ سندس علمي، ادبي ۽ فڪري پورهيو به سنڌ جو املهه خزانو آهي. هو سنڌ مان اُنهن چند ماڻهن (جهڙوڪ ڄيٺمل پرسرام، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، نبي بخش کوسي، قادر بخش نظاماڻي ۽ محمد ابراهيم جويي) مان هو، جيڪو ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ئي ننڍي کنڊ جي ترقي پسند ادبي ۽ فڪري تحريڪ سان واڳجي چڪو هو. هن جو مطالعو تمام وسيع ۽ گهرو هو. فلسفو،تاريخ ۽ سائنسيت ڪامريڊ جتوئيءَ جا بنيادي موضوع هئا. هو بنيادي طور هڪ مارڪسوادي هو ۽ افسوس جو اُن زماني ۾ تنگ نظر پناهگير لابيءَ جي اثر هيٺ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي هن املهه ماڻڪ، حقيقي دانشور ۽ انقلابيءَ کي به پارٽيءَ جي پڪي رُڪنيت نه ڏني. ڪامريڊ حيدر بخش ون يونٽ جي خلاف جيڪي انگريزيءَ ۾ مزاحمتي پمفليٽ لکيا، اُهي سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ فڪري ادب جا شاهڪار آهن، اهو ئي سبب آهي جو سائين محمد ابراهيم جويي کيس روسو ۽ والٽيئر سان ڀيٽيو آهي، جن جا پمفليٽ فرينچ انقلاب جي دور ۾ وڏا اثرانگيز ثابت ٿيا هئا پر سنڌ جو هيءُ ڪامريڊ ته فڪري طور روسو ۽ والٽيئر کان اڳتي وڌيل فڪري روايت يعني پورهيت انقلابيت سان واڳيل هو. انهن پمفليٽن (ڪتاب: Statement of the Accused) ۾ ڪامريڊ جنهن گهرائيءَ سان ون يونٽ خلاف لکيو، ۽ پاڪستان جي رياست، سياست، مذهبيت، سيڪيولرازم جي نفيءَ بابت جيترو گهرائيءَ سان اُنهن پمفليٽن ۾ اپٽار ٿيل آهي، پاڪستان ۾ ان دور بابت لکيل شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ هجي. “جيئي سنڌ” جو اِهو نعرو جيڪو اڄ سموري سنڌ جو هڪ متفقه قومي نعرو آهي، ان جو تخليقڪار به جتوئي صاحب هو، ڇاڪاڻ ته اهو سندس جڳ مشهور گيتَ “جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ” مان کنيل آهي. اقبال جي شڪوه کان متاثر ٿي سنڌي ٻوليءَ ۾ شڪوه پڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ لکيو، جيتوڻيڪ ان وقت جي مذهبي انتهاپسندن جي دٻاءُ ۾ اچي اقبال کي “جوابِ شڪوه” پڻ لکڻو پيو هو پر سنڌ جي “حيدر” ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي جوابِ شڪوه نه لکيو، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هن خلاف به وڏيرا، سرڪاري دانشور ۽ رجعت پسند سرڪار وٽ بار بار دانهيندا هئا (علي محمد راشدي به انهن ۾ شامل هو)، ايتري قدر جو هڪ ڀيري حيدرآباد جي انگريز ڪمشنر گبسن وٽ به انهن دانهن ڏني، جنهن کيس اهو ڪتاب واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي، جيڪا جتوئي صاحب نه مڃي. شڪوه لکڻ جي ڏوهه جي پاداش ۾ مٿس فتويٰ پڻ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ کيس سرڪاري منصب تان لاهي، سندس ڪتاب ضبط ڪري کيس ڦاهيءَ چاڙهڻ جي گهُرَ ڪيل هئي پر سنڌ جو هيءُ “حيدر” اٽل بيٺو رهيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي رڳو سنڌ ۽ ملڪ ۾ ئي نه پر عالمي طور به مڃتا ماڻي. پاڪستان جا چوٽيءَ جا سياستدان خان غفار خان، عبدالصمد خان اچڪزئي، شيخ مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کيس وڏو مرتبو ڏيندا هئا. چين جو وزيراعظم چُو اين لائي پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ سندن اِها ملاقات ٿي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زندگيءَ جا آخري پندرهن سال گهڻي ڀاڱي جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ گذريا ۽ مَڇَ جيل ۾ سندس صحت گهڻو خراب ٿي ۽ نيٺ سنڌ جو هيءُ عظيم فرزند 21 مئي 1970ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جي تاريخ تي اَڻ مِٽ نشان ڇڏي، هن جهان مان موڪلائي ويو.

اڄوڪي دور ۾ سنڌ کي حيدر بخش جتوئيءَ جهڙن عظيم ۽ بي لوث دانشورن، اديبن، شاعرن، مفڪرن، سياسي ڪارڪنن ۽ انقلابين جي ضرورت آهي. سنڌ جي سياست ۾ اهو ڪردار، فضيلت، علميت ۽ اٿاهه ڪمٽمينٽ گهرجي، جنهن جو مجموعو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو ۽ سنڌي ادب ۽ ڏاهپ جي دنيا ۾ اُهو وَڙُ، قلم جو ڪارج ۽ فڪري گهرائي گهرجي، جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڏات ۽ ڏاهپ جو ڪمال هئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ کي اڄ اُها حقيقي هاري تحريڪ ۽ طبقاتي جدوجهد گهرجي، جيڪا نمائشي نه هجي پر سچ پچ به هارين تي مشتمل ۽ سندن انقلابي فڪر ۽ جدوجهد جي ترجمان هجي. سنڌ پنهنجي هن عظيم ڏاهي ۽ اڳواڻ کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي نِوڙي سئو سئو سلام پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ هِڪُ هَٿُ منهنجو به آهي.