ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي 50 ورسي جون تقريبون

ڪراچي :- باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪالهه 50 هين ورسي ملهائي وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي ساٿين سان گڏجي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ باباءِ سنڌ جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي ڪامريڊ اظهر جتوئي، سنڌ  هاري ڪميٽي جي سينئر نائب صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر ۽ هاري اڳواڻ تاج مري ۽ ٻين چيو ته باباءِ سنڌ  ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پورهيتن، هارين حقن جي حاصلات لاءِ ڦورو طبقن ساڻ مهاڏو اٽڪايو. ڪورونا وائرس سبب ورسي سادگي سان ملهائي وئي آهي. بابا سنڌ ان وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو. ڪامريد جتوئي نه رڳو هارين کي منظم ڪري اڌ بٽئي ۽ ٽيننسي ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرايا پر هن ون يونٽ جي ڪهري ڪوٽ کي ڊاهڻ واري جدوجهد جي سرواڻي پڻ ڪئي. چيو ته سنڌ جو هاري اڄ به پيڙا ڀوڳي رهيو آهي هارين ۽ پورهيتن کي حق ڏيڻ بدران انهن جا حق کسيا پيا وڃن. ڪامريڊ جتوئي هارين ۽ پورهيتن جي راڄ، قومن جي آجپي ۽ جمهوريت جي قيام لاءِ جاکوڙيندي قيد ۽ بند جو سختيون سٺيون. ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جي ڏھاڙي تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڪامريڊ گلاب پيرزادو، انور ڏنگڙائي، نٽار احمد خاصخيلي، عاجز سولنگي، غلام حسين مقبول، رستم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيل لاڪ ڊائون جي ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي نٿا ملهائي سگهون.هنن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي حڪومت کي گهرجي ته اسپري ڪرايو وڃي، جهلم ڪڻڪ ڪئنال ھر سالن وھايو ٿو وڃي جڏهن ته معاعدي موجب ٻوڏن واري صورتحال ۾ کوليو ويندو، ان تي عمل ڪرايو وڃي. حڪومت ڀاشا ڊئم لاءِ چندو گڏ ڪري رهي آهي جيڪو فورن بند ڪيو وڃي.بلڙي شاھ ڪريم سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين سان لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران ڳوٺ محمدصديق سٺيو ۾ ھاري يونين جي جنرل سيڪريٽري لال بخش جي سربراهي ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊحيدربخش جتوئي جي 50ھين ورسي ملھائي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدراخترعلي سٺيو دين محمد حاجي ميھار  ۽ ٻين ڪامري حيدر بخش جتوئي کي ھارين لاءِ ڪيل عملي جدوجھد تي سرخ سلام پيش ڪيو.آخر ۾ ھاري يونين پاران گڏيل طور تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي ھرضلعي ۾ ھاري ڪورٽ جي قيام،  سنڌ انڊسٽريل رليشن ايڪٽ 2013تي عمل ڪرائي مٿس جلد رولز جوڙي سنڌ جي ھارين ۽ ماھيگيرن کي ليبر لا تحت مليل ايمپلائيز ورڪرن وارا حق ڏيڻ، قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ سنڌ جي ھارين ۽ پورھيتن لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ، سنڌ ٽيننسي ٽربيونل بورڊ کي ختم ڪري نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پيل خالي سرڪاري زمين ھارين کي آسان قسطن تي الاٽ ڪرڻ سميت شھرن ۾ پيل خالي سرڪاري پلاٽ ڏيھاڙيدار پورھيتن کي مفت ۾ ڏنيون وڃن.