homework helper uk can you help me with my geometry homework cheapest essay writing service usa sunset creative writing description homework help core connections course 1 writing custom facts hypnosis creative writing jessica homework help how do i write my salary requirements in a cover letter cwu creative writing job application letter for content writer sba business plan help

ڪاروبار ۽ مقامي نالا: ليکڪ پروفيسر مطيع الله ڪونڌر

نئين پوکيءَ جي تياريءَ وارن ڏهاڙن ۾ ماما اڪثر باکاٽي جو ڏاند ڪاهي هر لاءِ ٻنيءَ تي هليو ويندو هو ۽ مان جيئن ننڊ مان اٿندو هئس ته امان رات واري پڪل ماني ۽ تازي ٺهيل لسيءَ جو لوٽو ڀري ڏيندي هئي ته ماما کي کارائي اچ. ڏاندن سان هر ۾ ٻه ٻارا روز کيڙ مس ٿيندي هئي. وقت مٽيو ۽ پوکيءَ راهيءَ لاءِ مشينري اچڻ شروع ٿي. ٽريڪٽر اچڻ کانپوءِ هر ڳوٺ ۾ ٽريڪٽر وٺڻ جو لاڙو شروع ٿيو. مختلف ڪمپنين جا ٽريڪٽر اچڻ لڳا، پر اسان جي برداري فورڊ ڪمپنيءَ جي ٽريڪٽر کي ڏاڍو پسند ٿي ڪيو. انگلينڊ کان ايندڙ هي ٽريڪٽر واقعي به هر ڪيڻ لاءِ ڀر گاڏي نڪتي. زمين تي ڪم ڪندي هي ٽريڪٽر به جهڙو ڪر ناچڻيءَ جي وک ڀرڻ جيان هلندو هو. خاص طور سائلنسر مٿان لڳل ڍڪ جنهن کي جهرڪي چئبو هو چالو حالت ۾ اهڙو هيٺ مٿي ٿئي ۽ وڄي جو هن ٽريڪٽر جي هلڻ ۽ آواز ڪڍڻ مان دل ئي نه ڀرجي!

اسان جي برادريءَ وارا ته ڪنهن پير فقير وٽ وڃڻ لاءِ زالين مڙسين فورڊ ٽريڪٽر تي چڙهي ويندا هئا. حيدرآباد کان سکر لاءِ بسون هلنديون هيون. ستت ئي پوءِ ويگن سروس به شروع ٿي. فورڊ ڪمپنيءَ جون هي سفيد ويگنون، مسافرن ۾ ڏاڍيون مشهور ٿيون. حيدرآباد مان نڪري موري ۾ ساهي کڻي، وري سکر لاءِ رواني ٿئي. لڳاتار هلڻ جي ڪري مسافرن جو وقت بچي پيو . ڪرايو مڪمل وٺي، پوءِ جتي به لهو، اها اوهان جي مرضي. ڀر واري هاءِ اسڪول مان پڙهي ڪاليج ۾ داخل ٿياسين. ڪاليج جيڪو ڪافي وٿيرڪو هو. ان لاءِ روز بس تي سفر ڪرڻو ٿي پيو. هاءِ وي تي سفر ڪندي بسن جا نالا ۽ ڪمپني به ياد ٿي وئي. بيڊ فورڊ ڪمپنيءَ جون هي بسون مسافرن سان هيٺيان مٿان سٿيون پئي هليون. ايتري وزن جي پرواهه ئي نه ڪن. باقي رفتار جيڪا هلي سگهي. ساڳي هاءِ وي تي ٽرڪون به هلنديون رهن، بيڊ فورڊ جون اهي ٽرڪون چوٽ تائين سامان سان ڀريون پئي هليون. اسان جهڙن ملڪن ۾ رستا به ڪهڙا هوندا؟ ان هوندي به وزن ۽ رستي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ هي گاڏيون هلنديون رهنديون هيون. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آخري سال ۾ يونيورسٽي اسان کي پاڪستان اسٽڊي ٽوئر لاءِ موڪليو. سڀ ڪلاسي ڏاڍو خوش هجون، باقي سامان سان گڏ ڪئميرا کڻڻ به ضروري هئي. مان به ڪئميرا هٿ ڪئي ۽ فيوجي ڪمپنيءَ جو رول وجهرائي تياري مڪمل ڪئي. ڏاڍيون يادگار تصويرون مختلف علائقن ۾ ڪڍي واپس ٿياسين. فيوجي ڪمپنيءَ جي رول استعمال ڪرڻ جو سبب انهيءَ جي پرنٽ ۾ بهترين رنگ هئا.

نياپو ۽ چٺي پڄائڻ جو عمل به پراڻي دور کان هلندو اچي. هي ڪم مختلف طريقن سان عمل هيٺ رهيو آهي. سائنس جي ترقيءَ سان هن پاسي به ترقي ٿي آهي. ريڊيو، ٽي وي ۽ ٽيلي فون جي ايجاد ته هن ۾ وڏو انقلاب آندو. اڃان وڌيڪ ته موبائيل فون جي اچڻ ڪري ٿيو آهي. هر ماڻهو هر وقت هڪ ٻئي سان اوڏو آهي. جهڙوڪ سڄي دنيا جي معلومات اسان جي کيسي ۾ موجود پئي آهي. چوندا آهن ته هر ايجاد پاڻ سان ضرورتون به کنيو ٿي اچي. سو موبائيل فون وٺڻ لاءِ مون به ٻوڙو ٻڌي صلاح ڪئي. ذهن هي بيٺو ته فون سيٽ وٺان ٿو نوڪيا هنگريءَ جو، ۽ ڪنڪيشن ورتم ان کي جيز سڏين ٿا. اسان جي وڏڙن به هن ڌرتيءَ تي پنهنجو عروج رکيو آهي. پيداواري ۽ واپاري ميدان ۾ پاڻ ملهايو اٿن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت اسان پونئرن جو اهو ڪردار ڪين رهيو آهي ۽ ڀٽائيءَ جو سر سامونڊي ڏکارو آهي. ڇو ته ان ڪردار کان اسان هن وقت جهڙوڪ سؤ سال پوئتي بيٺا آهيون. وقت جي ضروت آهي ته اسان انهيءَ رٿا ڏانهن وڌون جنهن سان ڀٽائيءَ جو هي سر ٻيهر جيئي…… ۽ خوشيون ماڻي.ڳالهه پئي ڪئيسين پنهنجي وڏڙن جي ته موهن جي دڙي مان مليل واپاري مهرون جنهن تي سنڌي لکڻي ۽ هن ديس جو نشان ڍڳو موجود آهي. ڍڳو اهو جانور آهي، جنهن سنڌي ماڻهن سان وک ۾ ملائي پورهيو ڪيو آهي. هن ديس کي خوشحال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت به دنيا سنڌي واپار جي نشان ڍڳي کي اسٽاڪ ايڪسچينج واپار ۾ نشان طور ڪم آڻي پئي. جڏهن به اسٽاڪ ايڪسيچينج ۾ ڪاروبار گهڻو ٿيندو آهي ته انهيءَ کي هڪ ٽاهڙ ڍڳي جي شڪل سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. پنجاب سان واسطو رکندڙ هڪ شخص انهن طرفان هر ڪاهڻ يا گاڏو ڇڪڻ سانهن جي استعمال جو سبب سانهن جو ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ ٻڌايو. هن ڳالهه ڪرڻ مان ان شخص جو مقصد هو ته سانهن وڏائي وارو جانور ناهي. جڏهن ته ڍڳي لاءِ هن جو چوڻ هو ته هي ڪم ڪار ۾ ڪنڌ مٿي ڪري هلندڙ جانور آهي، ان ڪري هن ۾ وڏائي آهي! پر مان سنڌ ڄائو چوان ٿو ته اسان جي ڍڳي ۾ وڏائي نه پر اوچي ڳاٽ هلڻ ۽ رهڻ شامل آهي.

مسجد مندر، ٻني ٻاري، اوطاق جيان بازار جي به اهميت آهي. هي اها جاءِ آهي، جتي ننڍا وڏا وپاري اچي ويهن ٿا. انساني ضرورت جو سامان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهرائن ٿا. هتي جي پيداوار ۽ سامان دنيا ڏانهن موڪلين ٿا. انهيءَ واپاري عمل جي ڪري هر علائقي جي ٻولي، نالا ۽ سامان گڏجي پوري دنيا تائين پهچي ٿو. سنڌ جو واپار جيئن ته سنڌي هندن وٽ هيو. انهن جي هتان لڏي وڃڻ کانپوءِ اسان سنڌي ماڻهو واپار ۾ وڃي رڳي ريزڪي دوڪاندار تائين رهياسين. باقي ٻڌي يا هول سيل، ايجنسي، ڪارخاني، ڏيهي پرڏيهي واپار کان ته اڃان ڪوهين ڏور  بيٺا آهيون! پر اڃان واڌو ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه هي آهي ته جيڪي هوٽل، دڪان ٿا کوليون يا روڊ تي ڪا ٽرڪ بس ويگن ٿا آڻيون ته انهن تي نالا به پنهنجا نه ٻيا ٿا رکون.

هن مضمون جي شروع ۾ جن ڪمپنين جو ذڪر ڪيو آهي، انهن نالن جي وضاحت هن ريت آهي: انگلينڊ جي هڪ علائقي جو نالو فورڊ آهي. جنهن جي پٺيان  گاڏيون فورڊ سڏائين ٿيون. انگلينڊ جي ئي ٻئي علائقي کي به بيڊ فورڊ چون، جنهن پٺيان ڪجهه گاڏيون به بيڊ فورڊ سڏائين. جاپان ۾ هڪ جبل کي فيوجي سڏين، جنهن پٺيان ان ڪمپنيءَ پنهنجي فوٽو رول تي اهو نالو رکيو آهي. موبائيل فون ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جي مالڪ جي ڳوٺ جو نالو نوڪيا آهي. جيڪو هن پنهنجي فون تي رکيو ۽ آمريڪا جي ڪنهن علائقي ۾ خوشيءَ مان ٿيندڙ ناچ کي جيز يا جاز ڪوٺين ۽ اهو نالو هن ڪمپنيءَ پنهنجي سم تي رکيو آهي. سنڌ ۾ ڍڳي کان ڪير واقف ناهي. انهيءَ ڪري اسان جي وڏڙن پنهنجي واپاري نشان لاءِ ڍڳي جي شبيهه استعمال ڪئي.

هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته ڇا اسان سنڌي ماڻهن جي ذات ڳوٺ علائقو، پکين، شهرن، بزرگن، ماڳ مڪانن جا نالا اهڙا گهٽ آهن جو پنهنجي ڪاربار لاءِ اهو نالو رکندي لڄي ٿيون ٿا! ۽ اها لڄ لڪائڻ لاءِ پنهنجي ڪاروبار لاءِ نالو به ٻئي سماج مان کڻڻو ٿو پوي. پوءِ ڇو نه باقي دنيا وانگر اسان سنڌي به پنهنجي ڪاروبار تي پنهنجا نالا رکي ۽ ٻولي لکي دنيا وٽ سڃاڻپ ڪرايون.