“کير جو اگھھ 120 رپيا ڪيو وڃي”: سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي:- جيڪڏهن دڪاندارن کي واڙن تان ئي کير مهانگو ملندو ته پوءِ سستو ڪيئن ڏيندا..؟ کير جو اگهه 120 رپيا ڪرڻ ۽ ڪمشنر ڪراچي جي ڪاررواين خلاف دڪاندار سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، عدالت درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي کير في ليٽر جو اگهه 94 رپيا مقرر ڪيو پر کين واڙن تان کير 107 رپين ۾ ملي ٿو، رڳو 3 رپيا فائدو رکڻ باوجود انتظاميا دڪان سيل ڪري رهي آهي، واڙن وارن اعلان ڪيو آهي ته هاڻي کير جو في ڪلو 120 رپيا ملندو ته پوءِ ريٽيلرز کي به مارڪيٽ ۾ 135 رپين ۾ ڏيڻو پوندو، ڪمشنر کي هدايت ڪئي وڃي ته ڪارروائي دڪاندارن بدران واڙن جي مالڪن خلاف ڪري