کنڀي گم ڪيل گولڊ ميڊلسٽ شاگرد گلشير ٽڳڙ جي گمشدگي کي 3 سال مڪمل:امڙ جو روئي روئي نور وڃائي ويٺي :پٽ کي بازياب ڪيو :وارث

ڪراچي: ڪراچي مان 30 جولاءِ 2017 تي کنڀي گم ڪيل گولڊ ميڊلسٽ شاگرد گلشير ٽڳڙ جي گمشدگي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، مٽياري جي ڳوٺ اسحاق ٽڳڙ سان تعلق رکندڙ گلشير ٽڳڙ کي ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ واري علائقي مان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، گلشير ٽڳڙ سنڌ يونيورسٽي مان 3 گولڊ ماڻي پاڻ مڃرايو، جنهن کي گولڊ ميڊل ڏيڻ جو اعلان به سندس گمشدگي کانپوءِ ڪيو ويو، گلشير سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻئين سال جو شاگرد پڻ هيو، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته گلشير کي بنا جواز گم ڪري سندس مستقبل تباهه ڪيو ويو آهي، هن جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان تعلق نه هو، هو انتهائي ذهين شاگرد هو، سندس والد چيو آهي ته گلشير جي بازيابي لاءِ مسلسل ٽن سالن تائين احتجاج ڪرڻ سميت اعليٰ اختيارن کي اپيلون، دانهن ۽ درخواستون ڪيون آهن، پر ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، گلشير جي گمشدگي کانپوءِ گهر جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، ڊگهي انتظار حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن، پر ڪنهن کي به رحم نٿو اچي، گلشير جي بي وس امڙ جو چوڻ آهي ته پٽ جي جدائي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گلشير جي گمشدگي کانپوءِ روئي روئي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته گلشير پڙهائي ۾ سڀني کان هوشيار ۽ اڳرو هوندو هو، کيس بي گناهه کنڀي سڄي گهر کي پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن گلشير ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سندس تعليمي رڪارڊ ڏسي مٿس رحم ڪيو وڃي، گلشير جي وارثن، آرمي چيف، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي ته گلشير جي بازيابي ۾ مدد ڪري پريشانيون ختم ڪيون وڃن….