ڦليلي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار نظير احمد مستوئي کي اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش اڪرم واهه ۾ ڦٽو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سندس سندس زال پروين مستوئي،وسيم خلجي ۽ رشيد ڏيٿو سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

حيدرآباد :- ڦليلي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار نظير احمد مستوئي کي اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش اڪرم واهه ۾ ڦٽو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سندس سندس زال پروين مستوئي،وسيم خلجي ۽ رشيد ڏيٿو سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. اهلڪار جي ڌيءُ سان جوابدار وسيم خلجي شادي جو خواهشمند هو جنهن جي انڪار تي جوابدارن سندس زال سان گڏجي اهلڪار کي اغوا بعد هٿ پير ٻڌي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد الٽو ڪار ذريعي لاش کڻي اڪرم واهه ۾ ڦٽو ڪيو. ياد رهي ته 12 جولاءِ تي اهلڪار نظير مستوئي اغوا ٿيو. جنهن جو 13 جولاءِ تي ماتلي ويجهو اڪرم واهه مان لاش هٿ آيو هو جنهن سندس گهرواري 25 جولاءِ تي ڪپڙن ۽ تصويرن مان سڃاڻپ ڪئي هئي.