ڏيڍ سال جي سزا مان مطمئن ناهيان، ٻيهر اپيل ڪندس: عمر اڪمل

لاهور: –  رانديگر عمر اڪمل آزاد جيو ڊيڪٽر طرفان ڏيڍ سال جي پابندي جي سزا جي خلاف ٻيهر اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.عمر اڪمل جي اپيل تي اڄ آزاد ايڊجيو ڊيڪٽر طرفان اڳ کان محفوظ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ ان جي سزا 3 سال کان گهٽ ڪري ڏيڍ سال ڪئي وئي. فيصلي تي عمر اڪمل جو چوڻ هو ته شڪر ادا ڪريان ٿو ته سزا گهٽ ٿي جيڪا سزا رهجي وئي آهي ان کي  وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي  لاءِ اپيل ڪندس.هن  چيو ته ڏيڍ سال جي سزا کان مطمئن ناهيان وڪيلن سان صلاح مشوري کان پوءِ  ٻيهر اپيل ڪندس  ڇو ته مون کان اڳ به ڪيترن ئي رانديگرن غلطيون ڪيون هيون پر انهن کي ايتري سخت سزا ڪنهن به ناهي ڏني.عمر اڪمل جي وڪيل طيب رضا چيو ته آزاد ايڊجيوڊيڪٽر صاحب جو ٿورائتو آهيان جو هن اسان جو موقف تسليم ڪيو. . هوڏانهن عمر اڪمل جي وڪيل جو چوڻ هو ته سزا3 کان ڏيڍ سال ڪئي وئي آهي پر جيڪا اسان اميد ڪري رهيا هئاسين هي اهڙو فيصلو نه هو