ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور بادامي پيڙا 70 سالن کان ٽنڊوآدم جي سڃاڻپ بڻيل، مهمان اچڻ تي غريب توڙي امير جي ٽيبل تي ٽنڊوآدم جي سجي (ران) ۽ بادامي پيڙا ضرور موجود هوندا آهن

حيدرآباد : پاڪستان سميت پرڏيهه ۾ مشهور بادامي پيڙا 70 سالن کان ٽنڊوآدم جي سڃاڻپ بڻيل، مهمان اچڻ تي غريب توڙي امير جي ٽيبل تي ٽنڊوآدم جي سجي (ران) ۽ بادامي پيڙا ضرور موجود هوندا آهن. تفصيل مطابق هر شهر ڪنهن نه ڪنهن خاص ڳالهه يا شيءِ جي ڪري مشهور هوندو آهي. جيئن ته ميهڙ جو مائو ۽ ميندي، خيرپور جي کجي، حيدرآباد جي رٻڙي ۽ سانگهڙ جي مڇي پر ٽنڊو آدم سجي (پڪل ران) ۽ بادامي پيڙن جي حوالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو. حافظ بادامي پيڙن واري ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته اسان جو پهريون دوڪان انڊيا ۾ هو جيڪو اسان جو ڏاڏو حافظ مخدوم هلائيندو هو ۽ حافظ مخدوم جي نالي سان ئي مشهور ٿيو، ان کان پوءِ اسان 1950ع ۾ سنڌ صوبي جي شهر ٽنڊو آدم ۾ لڏي آياسين ۽ هتي به ان ئي ريت اسان مٺائي جو دوڪان کوليو اسان جا بادامي پيڙا سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيا. حافظ ٻڌائي ٿو ته 1975ع ۾ اسان جي مٺائي ۽ بادامي پيڙن جو مقابلو انڊيا جي مشهور بادامي پيڙن سان ٿيو اهو مقابلو اسان کٽيو هو. هن ٻڌايو ته اسان کي هن وقت پوري سنڌ مان بادامي پيڙن جو آرڊر ملي ٿو. ٻيون به ڪيترن ئي نمونن جون مٺايون اسان جي دوڪان ۾ موجود آهن. پر بادامي پيڙا سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ۽ لذيذ آهن، جيڪي ماڻهو تمام گهڻي شوق سان کائيندا آهن ۽ ڪيترن ئي دعوتن لاءِ بادامي پيڙا ٺاهي ڏيڻ جا آرڊر ملن ٿا. هن ٻڌايو ته ٽنڊو آدم شهر جي ماڻهن ڏي ڪو به مهمان ايندو آهي ته غريب توڙي امير جي ٽيبل تي سجي ۽ بادامي پيڙا ضرور موجود هوندا آهن ۽ مهمان وڏي شوق سان پسند ڪندا آهن. حافظ ٻڌائي ٿو ته هن وقت اسان جا بادامي پيڙا پوري سنڌ ۾ حافظ جي نالي سان مشهور آهن ۽ عام ڏينهن ۾ اسان وٽ ٻين شهرن ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو ايندا آهن. جيڪي رڳو بادامي پيڙا پسند ڪندا آهن جڏهن ته اسان وٽ شگر فري بادامي پيڙا به سٺي طريقي سان تيار ڪيا ويندا آهن. حافظ ٻڌايو ته هنن کي مٺائي جي حوالي سان ڪيترائي گفٽ ۽ انعام مليا آهن ۽ سندن مٺائي ٺاهڻ جو ڪارخانو به هڪ ئي آهي جيڪو اسان جي دوڪان سان گڏ آهي، جنهن جي اندر هر قسم جي مٺائي تيار ڪئي ويندي آهي.