ڏوڪري: کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن جي وارثن پاران انصاف جي گھر

ڏوڪري :- سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ وري گرفتاريءَ بعد سندن گمشدگي واري معاملي تي هر اهلِ شعور ماڻهو مذمت ڪري ٿو.  ڏوڪريءَ واسي غلام مرتضي جوڻيجو جي گهر تي  3 سال اڳ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن پاران گهر تي چڙهائي ڪري کنڀي ويا هئا ۽ 3 سال اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن شاهد جوڻيجو کي شهر مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڏوڪري باءِ پاس وٽان ڪجھ ڏينھن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيد امداد شاھ جي گهرن تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو ويو، ڳوٺ ٻلهڙيجي مان حفيظ پيرزادو کي ۽ ٻه ڏينهن اڳ رائيس ريسرچ سينٽر جي ملازم شبير جتوئي جي گهر تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته پنجين ڄڻن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي. پنجين نوجوانن جو هن وقت تائين ڪو به پتو پئجي نه سگھيو آهي ته هو پنجين نوجوان ڪٿي آهن. غلام مرتضي جوڻيجو ڏوڪري شهر جي منڌرا ڳوٺ جو رهواسي آهي، شاهد جوڻيجو ڏوڪري شهر ۾ جوڻيجا پاڙي، سيد امداد شاھ باءِ پاس ۽ شبير جتوئي رائيس ريسرچ سينٽر جي ڪالوني جا رهواسي آهن جڏهن ته حفيظ پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي جو رهواسي آهي. جيڪي ڏوڪريءَ ۾ محنت مزدوري ڪري پنهنجي گھر وارن جو پيٽ پاليندا هئا.  جيڪي روزي روٽي ڪري گھر کي ڏکيو سکيو هلائي رهيا هئا. پنجين نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي سندس گھر وارن جي چوڻ موجب ته غلام مرتضي جوڻيجو پورهيت ۽ هارپي جو ڪم ڪندو هو ۽ غلام مرتضي جوڻيجو جي گڙدي جي تڪليف پڻ آهي، غلام مرتضي جوڻيجو جو ڪنهن به قومپرست پارٽين سان واسطو ناهي هنن چيو ته غلام مرتضي جوڻيجو کي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين ڪا به خبر نه پئجي سگھي آهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي ۽ کيس ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن شاهد جوڻيجو جي وارثن جو چوڻ آهي ته شاهد جوڻيجو پورهيو ڪري گھر جو گذر سفر ڪندو هو ۽ شاهد جوڻيجو کي بنا سبب جي کنڀي گم ڪيو ويو. هنن جو چوڻ هو ته شاهد جوڻيجو جي گم ٿيڻ جي صدمي ۾ سندس جي امڙ صدمي ۾ فوت ٿئي وئي هئي. غلام مرتضي جوڻيجو، شاهد جوڻيجو، سيد امداد شاھ، حفيظ پيرزادو، شبير جتوئي پنجين نوجوانن جي گرفتاريءَ سبب هڪ طرف سندس گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو متل آهي ته وري ٻئي طرف سندس گھر ۾ تنگدستيءَ اچي واسو ڪيو آهي. هن جي آزاديءَ لاءِ گھر جا ڀاتي روزانو گھر ۾ قرآن شريف جو ورد ڪن ٿا ۽ وظيفا پڙهي ڌڻيءَ در آڏو ٻاڏائن ٿا ته جيئن مالڪ جي مهر سان پنجين نوجوانن جي آزادي يقيني بڻجي. سندس گھر ڀاتين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن غلام مرتضي جوڻيجو، شاهد جوڻيجو ملڪ جي ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي يا هن ڪو به ڏوهه ڪيو آهي ته ان ڏوهه کي واضح ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جيئن هو ڪيس جي پيروي ڪري سگهن. غلام مرتضي جوڻيجو، شاهد جوڻيجو، سيد امداد شاھ، حفيظ پيرزادو، شبير جتوئي جي گرفتاريءَ خلاف وارثن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين جي احتجاجن جو سلسلو به هلندڙ آهي ۽ سندن بنا سبب جي گرفتاريءَ واري معاملي کي سختيءَ سان ننديو پيو وڃي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن هٿان گرفتار ڪيل غلام مرتضي جوڻيجو، شاهد جوڻيجو، سيد امداد شاھ،حفيظ پيرزادو، شبير جتوئي جي وارثن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي چيف جسٽس، وزير اعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته غلام مرتضي جوڻيجو، شاهد جوڻيجو، جي بنا سبب واري گرفتارين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ کيس آزاد ڪرايو وڃي. هوڏانهن رائيس ريسرچ سينٽر جي ملازم شبير جتوئي جي وارثن جو چوڻ هو ته شبير جتوئي رائيس ريسرچ سينٽر تي سرڪاري ملازم آهي. شبير جتوئي جو ڪنهن به قومپرست پارٽين سان واسطو ناهي. شبير جتوئي پاڪستاني آهي ۽ ملڪ سان پيار ڪري ٿو. هنن چيو ته شبير جتوئي ملڪ جي خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو نه ئي ملڪ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جو حصو رهيو آهي، شبير جتوئي ملڪ پرست آهي ۽ عام پاڪستاني ٿي زندگي گذاري رهيو آهي. هنن چيو ته شبير جتوئي کي بي گناھ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو. هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته شيبر جتوئي کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.