ڊڪٽيٽرن جي دور جي معاشي ترقيءَ جا ڳڻ ڳائڻ: ليکڪ نصير ميمڻ

پاڪستان ۾ سياسي فهم کان وانجھيل هڪ اهڙو ٽولو آهي، جيڪو اٿندي ويهندي ڊڪٽيٽرن جي دور جي معاشي ترقيءَ جا ڳڻ ڳائڻ ۾ پورو هوندو آهي. ان ٽولي جو خيال آهي ته ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ مشرف جي دور ۾ معاشي ترقي بي مثال هئي ۽ ملڪ ۾ اهي ترقيءَ جا سونهرا دور هئا. البت سندن ساراهه جا ڍڪ ڀريندڙ انهن دورن ۾ ملڪ جي سياسي برباديءَ کي وساري ويهندا آهن، جن هن ملڪ کي هڪ فيڊريشن طور اسرڻ نه ڏنو. سندن دور ۾ معاشي ترقيءَ سان گڏ جيڪا علائقائي ۽ سماجي اڻ برابري پيدا ٿي ۽ دولت سندن خاص وفادارن جي کيسن ۽ اڪائونٽن ۾ جمع ٿي، ان جو حوالو گھٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

ايوب خان ملڪ ۾ پهرين مارشل لا لڳائي. هن جي اقتدار جو دور 1958ع کان 1968ع تائين هليو. ايوب جي دور ۾ صنعتي ترقيءَ جو نتيجو ملڪ ۾ 22 امير گھراڻن جي شڪل ۾ نڪتو. انهن 22 گھراڻن وٽ ملڪ جي صنعت ۽ زمين جو 66 سيڪڙو ۽ بئنڪنگ ۽ انشورنس جي ڪاروبار جو 80 سيڪڙو هو. ان دور ۾ ٿيل معاشي ترقيءَ  اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪا معاشي اڻ برابري پيدا ڪئي، ان بنگلاديش الڳ ٿيڻ جا بنياد رکيا. بنگلاديش جي معاشي ماهرن ان دور جي معيشت جي اصليت کي پنهنجي دستاويزن ۾ وائکو ڪري اهو ثابت ڪيو ته ان نام نهاد مثالي معاشي ترقيءَ واري دور ۾ اوڀر پاڪستان سان ڪيل  ٻه اکيائيءَ جي نتيجن ۾ اڌ ملڪ الڳ ٿي ويو. 60-1959ع ۾ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ في ماڻهو مجموعي گھرو پيداوار ۾ جيڪو فرق هو، اهو سندن اقتدار ڇڏڻ وقت ٻيڻو ٿي چڪو هو. ساڳيءَ طرح هن اولهه پاڪستان جي پنجابي مهاجر بيورو ڪريسي ۽ عسڪري ادارن جي سرپرستي ڪندي ۽ ترقياتي بجيٽن ۾ به اوڀر پاڪستان سان تعصب وارو ورتاءُ ڪيو. انگن اکرن موجب 70/1969ع،  66/1965ع وارن پنجن سالن ۾ روينيو خرچن جي مد ۾ اوڀر پاڪستان ۾ 648 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ ان کان لڳ ڀڳ چؤڻا يعني 2،223 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. ساڳيءَ طرح انهن پنجن ورهين ۾ ترقياتي خرچن جي مد ۾ اوڀر پاڪستان ۾ 2141 ڪروڙ رپيا ۽ اولهه پاڪستان ۾ ان کان ٽيڻا يعني 5195 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. ان ٻيائيءَ سبب اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو. جيئن ته ايوب خان، سرد جنگ جي دور ۾ پاڪستان کي آمريڪا جي وفادارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو، ان جو نتيجو اهو هو جو 1964ع ۾ ٻئين پنج سالا رٿا ۾ 40 سيڪڙو سيڙپ پرڏيهي امداد تي ٻڌل هئي.

ايوب خان ملڪ جي زرعي معيشت ۽ صوبن وچ ۾ اڄ تائين نه نبرجي سگھندڙ پاڻي تڪرار جا بنياد پڻ رکيا. 1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس ٺاهه هيٺ ملڪ جون ٽي اوڀرنديون نديون راوي، بياس ۽ ستلج هندستان حوالي ڪيون ويون. جنهن سان 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هندستان کي ملي ويو، ان ٺاهه وقت هندستان سان ڳالهين لاءِ ٺهيل ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جو هڪ به عيوضي شامل نه هو. ان ٺاهه جي نتيجي ۾ پاڪستان کي متبادل نظام جوڙڻ لاءِ جيڪي پرڏيهي فنڊ مليا، اهي سڀ جا سڀ پنجاب ۾ لنڪ ڪينالن جو ڄار وڇائڻ تي خرچ ڪيا ويا، جنهن وسيلي سنڌونديءَ جو پاڻي پنجاب جي اوڀرندن ۽ ڏاکڻن علائقن کي سيراب ڪرڻ لاءِ پهچايو وڃي ٿو، ايوب خان جي انهن غلط فيصلن جي نتيجي ۾ پنجاب سنڌ ۾ پاڻيءَ جو تڪرار هڪ مستقل سياسي مسئلي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.

ان کان پوءِ 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ملڪ مٿان هڪ بربريت واري مارشل لا لڳائي. جنرل ضياءُ الحق جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ٻن سالن اندر افغانستان ۾ روس خلاف آمريڪي پگھاردار سرڪار جهاد شروع ڪيو. آمريڪي ڊالر ملڪ ۾ اچڻ سبب معيشت جي لحاظ کان جي ڊي پيءَ ۾ نمايان واڌ آئي، پر اهو سمورو پئسو عوامي ترقيءَ بجاءِ جنگ جو ٻارڻ بڻجندو رهيو. جنرل ضياءُ الحق جي ملڪ تي قبضي وقت 77-1976ع ۾ پاڪستان جي دفاعي بجيٽ 8 ارب رپيا هئي، جيڪا 88-1987ع ۾ وڌي ساليانو 47 ارب رپيا ٿي چڪي هئي. شرح جي لحاظ کان اها بجيٽ 5.4 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو ٿي چڪي هئي. ان جنگي جنونيت سبب ملڪ اندر دفاعي خرچن ۾ لڳاتار واڌ جي روايت پختي ٿي ۽ 97-1996ع ۾ اها بجيٽ 127 ارب رپيا ٿي چڪي هئي. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ پرڏيهي قرضن جو بار به لاڳيتو وڌندو رهيو. 78-1977ع ۾ پاڪستان پنهنجي مجموعي گھرو پيداوار جو 1.9 سيڪڙو قرضن جي وياج لاهڻ تي خرچ ڪندو هو، جيڪو 88-1987ع ۾ وڌي 4.9 سيڪڙو ٿي ويو. گھرو قرض جنرل ضياءَ جي دور ۾ 1981ع ۾ جي ڊي پي جو 2.8 سيڪڙو هو، جيڪو 1988ع تائين وڌي 4.2 سيڪڙو ٿي چڪو هو.

جنرل ضياءَ جي دور ۾ شروع ٿيل جهاد ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي جيڪا سرڪاري سرپرستي ملي ان جي سزا پاڪستان اڃا تائين ڀوڳي رهيو آهي ۽ هينئر تائين ملڪي معيشت کي اربين ڊالرن جو معاشي ۽ هزارين انسانن جو جاني نقصان پهچي چڪو آهي.

جنرل ضياءَ جي دور کان پوءِ  1999ع ۾ جنرل مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو، جيڪو 2008ع تائين جاري رهيو. مشرف جي به اقتدار سنڀالڻ کان ستت پوءِ 2001ع ۾ نائن اليون جو سانحو پيش آيو. ان سانحي کان پوءِ آمريڪي ڌمڪيءَ تي ملڪ جي هن ڪمانڊو سربراهه بنادير جي گوڏا کوڙيا. ان تابعداريءَ جي موٽ ۾ آمريڪا مان هڪ ڀيرو ٻيهر ڊالرن جو وهڪرو شروع ٿيو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ آمريڪي ساٿاري بڻجڻ جي صلي ۾ مشرف جي دور ۾ سالياني ترقيءَ ۾ اضافو ٿيو. البته اهو واڌارو ڪنهن معاشي ترقيءَ جو نتيجو نه هو. 2001ع کان 2008ع تائين آمريڪا پاران پاڪستان کي مجموعي طور معاشي واهر جي مد ۾ 4.4 ارب ڊالر، فوجي امداد جي مد ۾ 3 ارب ڊالر ۽ اتحادي فنڊ مان 7.3 ارب ڊالر مليا. ٻين لفظن ۾ ته مشرف جي اقتدار واري دور ۾ آمريڪا پاران پاڪستان کي اتحادي هجڻ جي عيوض لڳ ڀڳ 15 ارب ڊالر مليا. اهو ئي پئسو هو جنهن کي معاشي ترقيءَ جو ڪوڙو نالو ڏنو ويو. پر ٻئي پاسي ان دور ۾ ملڪ اندر جيڪا دهشتگرديءَ جي خوفناڪ لهر پيدا ٿي، ان پاڪستان جا معاشي بنياد لوڏي ڇڏيا. معاشي ماهر ان جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي پهتل معاشي خساري جا مختلف ڪاٿا ٻڌائين ٿا.

محمد ذڪريا، وين جُن ۽ حسيب احمد جي هڪ ريسرچ پيپر موجب 11/9 کان پوءِ  17 ورهين اندر پاڪستان کي دهشتگرديءَ سبب سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ٿيل معاشي نقصان جو ڪاٿو لڳ ڀڳ 127 ارب ڊالر آهي، جيڪو مشرف دور ۾ مليل  آمريڪي واهر کان اٺوڻ تي وڌيڪ آهي. ان پيپر موجب 2003ع کان 2016ع جي وچ ۾ ملڪ اندر دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 21،485 سويلين ۽ 6600 سيڪيورٽي فورسز جا ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.هن وقت پاڪستان ۾ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري نه هجڻ جي برابر آهي. ملڪي روانگي واپار جمود جو شڪار آهي ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستانين کي نوڪرين کان جواب ملي رهيو آهي. سڄي دنيا اسان کي دهشتگردن جي نرسري قرار ڏئي ٿي ۽ ملڪ اڃا تائين فئنانشل ايڪشن ٽاس فورس (FATF) جي ڪاري لسٽ ۾ وڃڻ کان بچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اسان کي دهشتگرديءَ جو ڳڙهه سمجھيو وڃي ٿو. ايوب جيان مشرف به ملڪ جي سالميت کي اوترو ئي ڌڪ رسايو. سندس دور ۾ بلوچستان ۾ ڀڙڪايل باهه اڄ تائين وسامي ناهي سگھي ۽ خبر ناهي اها ڪٿي وڃي دنگ ڪندي.

هي ته هڪ مختصر جائزو آهي ته ڪهڙيءَ طرح ٽن آمرن ملڪ مٿان ٽن ڏهاڪن جي راڄ دوران ملڪ کي معاشي ۽ سياسي طور تباهه ڪيو. انهن سمورن دورن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته اڃا ڪيترائي وڌيڪ انڪشاف ٿيندا. انهن آمرن شفافيت جي نالي تي پنهنجي حامين، ڪٽنب جي ڀاتين، مائٽن، دوستن ۽ وفادارن کي ڪيئن نوازيو ان جا تفصيل به لٽريچر ۾ ملي وڃن ٿا. درحقيقت آمريتن جي دور جي ترقي هڪ دوکو ۽ مڪاريءَ تي ٻڌل افسانو آهي. درحقيقت پري کان ترقيءَ جا شاهڪار نظر ايندڙ اهي دور معاشي ۽ سياسي پاسن کان گھرو تجزيو ڪرڻ سان ملڪي تاريخ جا اونداها دور نظر اچن ٿا.