ڊي ايس پي کي دعوت ڏيڻ مهانگو پئجي ويو شادي کائڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ئي ڊي ايس پي کان اثاثن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

ڪراچي/حيدرآباد:- “ ايڊيشنل آءِ جي صاحب! اچو منهنجي پٽ جي شادي آهي“ ڊي ايس پي کي دعوت ڏيڻ مهانگو پئجي ويو، شادي کائڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ئي ڊي ايس پي کان اثاثن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ڪيس نيب ڏانهن اماڻڻ جي وارننگ، ٽنڊي آدم جي ڊي ايس پي محمد ايوب بروهي جي پٽ دانش ايوب جي شادي تقريب 12 جنوري تي ٿي، ذريعن موجب شادي تقريب ۾ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل به شرڪت ڪئي. شادي ۾ شرڪت کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڊي ايس پي کي نوٽيس اماڻي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. نوٽيس ۾ 7 ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪندي ڊي ايس پي کي معاملو نيب ڏانهن اماڻڻ جي وارننگ ڏني وئي ۽ چيو ويو آهي ته جنهن شادي هال ۾ اوهان جي پٽ جي شادي ٿي، ان هال جي مسواڙ 13 لک کان وڌيڪ آهي، 7 قسمن جون ڊشز هيون، شادي تقريب جو 55 کان 60 لک رپيا خرچ ڪيو، سنڌ کي بلوچستان جي ماڻهن کي دعوت ڏني وئي، ايڏو خرچ هڪ 17 هين گريڊ جو ڊي ايس پي جي وس ڳالهه ناهي.