ڊيرا الهيار ۾ هٿ آيل لاش جي شبير بگٽي طور سڃاڻپ

ٺل :- بلوچستان جي علائقي ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو: خبر موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي دنگ تي بلوچستان جي علائقي ڊيراالھيار ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي پوليس نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ ڪيو آھي جنھن بعد پوليس لاش کڻائي ڪري سول اسپتال ڊيرالھيار منتقل ڪيو جتي نوجوان جي سڃاڻپ شبير احمد بگٽي پٽ محمد اڪبر بگٽي طور تي ڪئي وئي جنھن بعد لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب اسانکي نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو جنھن جي سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي واقعي جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو جانچ بعد ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪي داخل ناھي ٿي سگھيو