ڊياگو ميراڊونا مانچسٽر يونائٽيڊ ڪوچنگ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ميڪسيڪو :-  فٽبال ليجنڊ ڊياگو ميراڊونا انگلش پريميئر ليگ جي هڪ وڏي پر مسئلن کي منهن ڏيندڙ مانچسٽر يونائٽيڊ کي ڪوچنگ جي پيشڪش ڪري ڇڏي آهي.ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ 58 سالن جي ميراڊونا هن وقت ميڪسيڪو جي ٻئي سطح جي ليگ ٽيم جي ڪوچ آهي، جڏهن ته هن انتهائي پراعتماد انداز ۾ فٽبال جي وڏي ڪلب جي ڪوچنگ کي پيشڪش ڪري ڇڏي آهي.فٽبال جي هڪ مقامي ميگزين موجب ميراڊونا چيو آهي ته هو مانچسٽر يونائٽيڊ کي ڏکيائين مان ڪڍي ٽرافيون کٽرائيندو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان انگلش پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر يونائٽيڊ ئي منهنجو پسنديده ڪلب رهيو آهي، جنهن ۾ فٽبال جي دنيا جي وڏن رانديگرن کيڏيو آهي.