ڊوميسائل معاملو: ڪنڌڪوٽ جي ڊي سي آفيس ۾ ٻئي ڏينهن به ڪاغذن جي پڙتال

ڪنڌ ڪوٽ :- سڄي سنڌ جيان ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ  آفيس اندر سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ واري معاملي بابت چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي  جوڙيل ٽي رڪني ڪميٽي جي سربراهه قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري سروسز جنرل ائڊمنسٽريشن ائنڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ سعيد احمد مڱڻيجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آر سي بورڊ آف روينيو سنڌ نظير احمد قريشي  جاچ  وارو عمل  جاري آهي جوڙيل جاچ ٽيم جو  ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾   رڪارڊ جو معائنو ڪيو ويو  انهي دوران شهر جي سياسي سماجي معززين بار جي صدر قانوندان عبدالغني بجاراڻي، آفتاب خان باجڪاڻي، مصطفي آڪاش ، شبير کوسو ۽ ٻين جاچ ٽيم جي آڏو بيان ڏينديو چيو ته پي پي ايل گئس فيلڊ ۾  ڪوڙن ڊوميسائيلن تي نوڪريون ڪري مقامي ماڻهن جا حق هڙپ ڪيا ويا آهن جنهن ڪري پي پي ايل جي سمورن ملازمن جا ڊوميسائيل چيڪ ڪرايا وڃن  ريڪارڊ چيڪ ڪري ضلعي جي رهائشي بدران ٻين صوبن جي ماڻهن  جا جيڪي به ڊوميسائيل ٺاهيا ويا آهن اهي ختم ڪري غلط ڪم ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي جاچ ٽيم جي سربراهه سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ قاضي شاهد پرويز  چيو ته جاچ جي رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي پيش ڪئي ويندي  هن وڌيڪ چيو ته نوڪرين ۾ چونڊجڻ کان رهجي ويل اميدوار به ثبوت کڻي اچن جن جي به جاچ ڪئي ويندي. ڊوميسائيل جو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مستقبل ۾ اهڙي عمل کي روڪيو وڃي 7 ڏينهن جي اندر اهڙي رپورٽ جوڙي چيف سيڪريٽري سنڌ کي اماڻي ويندي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته ان معاملي تي ڪابه شڪايت هجي يا ڪو ثبوت هجي ته فوري ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائين.