ڊزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ فنڊ اين ڊي ايم اي کي 5 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:- نيشنل ڊزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ايم ايف) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي 50 ملين ڊالر ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اين ڊي آر ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي کي 5 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي اها رقم ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪئي وئي آهي، اين ڊي آر ايم ايف 24 ڪلاڪن اندر اين ڊي ايم اي کي گرانٽ جي منظوري ڏني.اين ڊي آر ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب فنڊ جي منظوري صحت جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڏني وئي آهي.ان ڏس ۾ اين ڊي آر ايم ايف، صحت واري وزارت ۽ اين ڊي ايم اي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿينديون.اين ڊي ايم اي فنڊ مان ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽس، آر اين اي ايڪسٽريڪشن ڪٽس، موبائل ايڪسري مشين، ڪلينڪل آءِ سي يو وينٽي ليٽر سرنچ پمپس، اين 95 ماسڪ، حفاظتي سوٽ، ٿرمل گنز ۽ اسڪينر خريد ڪندي.