ڊرامي ديريليش ارطغرل ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار پاڪستان ۾ مقبول ٿي وئي

ڪراچي :- ڊرامي ديريليش ارطغرل ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار پاڪستان ۾ مقبول ٿي چڪا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڊرامي جي مشهور ايسرا بلجڪ هڪ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ هڪ پيغام ۾ چيو هو ته مان پاڪستان ۾ پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي جنهن تي مداح ڇرڪجي ويا هئا. هاڻي اداڪارا ٽوئيٽ ۽ انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته “منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي ٻڌائجي” اصل ۾ هي پاڪستاني موبائيل ڪمپني جاز جي اشتهار جو حصو آهي جنهن لاءِ ايسرا بلجڪ جون خدمتون ورتيون ويون هيون ۽ هن توصير کي هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. جاز ڊيجيٽل طرفان به انسٽاگرام ۽ ٽوئٽر تي تصوير سان گڏ لکيو ويو آهي ته ائين لڳي ٿو ته اسان به پنهنجو نمبر ون ڳولي ورتو آهي. هلندڙ مهيني ترڪ اداڪارا اسمارٽ فون ڪمپني ڪيو موبائل جي برينڊ ايمبيسڊر بڻجڻ جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا انڪشاف ڪيو هو ته هو جلد ئي پاڪستان جي ٽن مشهور برينڊز سان ڪم شروع ڪندي. هن ٻڌايو هو ته پهرين ڀيرو پاڪستان جي برينڊز سان ڪم ڪندي پر ان حوالي سان هن تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو. ترڪ اداڪارا کي برينڊ ايمبيسڊر بڻائڻ تي مٿس تنقيد به ڪئي وئي هئي. ياسر حسين اها پهرين شخصيت جو جنهن ايسرا کي سفير بڻائڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.