ڊالر 20 پئسا سستو ٿي ويو، 154 رپين ۾ وڪرو

ڪراچي : انٽربينڪ ۾ ڪاروبار جي آخري ڏينهن ڊالر سستو ٿي 8 ميهنن جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويو. مارڪيٽ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 22 پئسا سستو ٿي 154 رپيا 16 پئسن جو ٿي ويو. انتربينڪ ۾ اها ڊالر جي 13 جون 2019ع کان پوءِ سڀ کان گهٽ سطح آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 20 پئسا سستو ٿي 154 رپيا 40 پئسن جو ٿي ويو. ياد رهي ته جون 2019ع ۾ ڊالر مهانگو ٿيو هو ۽ هڪ ڊالر جي قيمت 163 رپيا ٿي وئي هئي.