ڇا بصر ۽ ٿوم ڪورونا کان حفاظت ڪندا…؟ طبي ماهرن جي اهم آگاهي

لاهور : انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ (آءِ پي ايڇ) پنجاب اعلان ڪيو آهي ته اهڙيون ڪي به سائنسي شاهديون موجود نه آهن جيڪي ڪورونا وائرس کان حفاظت يا ان جي علاج ۾ بصر ۽ ٿوم جي عرق کي اثرائتو ثابت ڪري سگھن. پر متواز خوراڪ، صحت ۽ صفائي جي سٺي  صورتحال ان وائرس کان محفوظ رکي سگھي ٿي.آءِ پي ايڇ جي ڊين پروفيسر زرفشان طاهر ۽ ٻين ماهرن اها ڳالهه اداري ۾ عوامي آگاهي لاءِ رٿيل هڪ سيمينار ۾ چئي.هنن چيو ته جيڪي ماڻهو نزلي، زڪام ۽ کنگھه ۾ مبتلا آهن انهن کي ماسڪ استعمال ڪرڻ گھرجن ۽ کنگھه يا نِڇ اچڻ دوران ٽشو پيپر جو استعمال ڪرڻ گھرجي ته جيئن ٻيا ان کان محفوظ رهن.هنن ٻڌايو ته صحت مند شخص جي ماسڪ استعمال ڪرڻ سان ڪورونا وائرس کي روڪڻ ۾ ڪا به مدد نه ملندي.ڊاڪٽر زرفشان جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس ڪا نئين بيماري نه آهي پر ان پنهنجي هيئت  تبديل ڪئي آهي تنهنڪري ذاتي ضحت، صفائي ۽ روڪ ٿام لاءِ بندوبست سولائي سان ان وائرس کان محفوظ رکي سگھن ٿا.سندس چوڻ هو ته هٿ ڌوئڻ ۽ سٺي خوراڪ جو استعمال انفيڪشن جي خلاف قوت مدافعت ۾ واڌارو ڪندي آهي.ڊاڪٽر زرفشان چيو ته وائرس کان حفاظت لاءِ آءِ پي ايڇ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ آءِ پي ايڇ عوام تائين صحت جو پيغام پهچائڻ لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جي ميڊيا چينلن جو به استعمال ڪندو.ان موقعي تي ڊاڪٽر هديٰ چيو ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ ڪا به خاص غذا نه آهي، مريض گوشت، ڀاڄيون ۽ ميوا کائي سگھن ٿا سوشل ميڊيا تي غلط ڄاڻ پکيڙيل آهي ته ان قسم جي مريضن لاءِ گوشت هاڃيڪار آهي.هن چيو ته ڪورونا وائرس جي علاج يا روڪ ٿام ۾ بصر يا ٿوم جي فائديمند هجڻ جا ڪي به سائنسي ثبوت موجود ناهن، عوام کي ڪنهن به ميڊيا ذريعي پکڙيل ان قسم جي اڳڪٿين يا غلط ڄاڻ تي ڌيان نه ڏيڻ گھرجي.ڊاڪٽر هديٰ واضح ڪيو ته ان وائرس جي ڪا به مخصوص ويڪسين يا دوا موجود نه آهي.