چين ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي وڌيڪ 12 ڄڻا فوت

بيجنگ :- چين جي مرڪزي ۽ ڏاکڻي صوبي ۾ تيز برساتن سبب وڌيڪ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 گم ٿي ويا. صوبي سيچوان ۽ هوبئي ۾ تيز برساتن کان پوءِ معمول واري زندگي سخت متاثر ٿي آهي. شهر جي روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو. ريسڪيو ميمبرن پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪئي. اختيارين 8 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائي ڇڏيو آهي سڄي ملڪ ۾ هلندڙ مهيني کان هلندڙ برساتن سبب هينئر تائين 80 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي. ٻوڏ جا وهڪرا ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود آبادين ۾ داخل ٿي ويا جنهن سبب هزارين گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا. امدادي ڪارڪنن ماڻهن کي ٻوڏ کان بچائڻ جون ڪوششون جاري رکيون پر ان جي باوجود ڪيترائي ماڻهو گم آهن.