چين ڪورونا وائرس جي هزارين ڪيسن تي ضابطو آندو آهي: ڊبليو ايڇ او

شنگهائي: چين جو دورو ڪندڙ عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او) جي وفد جي سربراهه چيو آهي ته چين گذريل سال ئي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ غيرمعمولي قدم کنيا، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن هزارين ڪيسز تي ضابطو آندو ويو آهي.خبر ايجنسي رائٽرز جي رپورٽ موجب ڊبليو ايڇ او وفد جي سربراهه بروس آئيلوارڊ چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن (اين ايڇ سي) جي عهديدارن سان گڏ پريس بريفنگ ڏيندي هن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ذريعن کان دستاويزن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته انگن ۽ اکرن جي حوالي سان مسئلا به سامهون آيا آهن.ياد رهي ته ڊبليو ايڇ او جو وفد هيبي صوبي جي گادي واري هنڌ ووهان سميت ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ چين جي ٻين علائقن جو جائزو وٺي رهي آهي.