چين کان خصوصي جهاز ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ 50 هزار ماسڪ ۽ ٽيسٽ ڪٽس کڻي ڪراچي پهتو

ڪراچي :- چين کان خصوصي جهاز ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ 50 هزار ماسڪ ۽ ٽيسٽ ڪٽس تي مشتمل کيپ کڻي ڪراچي پهچي ويو، سنڌ جي وزير وزير سيد مراد علي شاهه ماسڪ ۽ ٽيسٽ ڪٽس وصول ڪيون، پاڪستان ۾ مقرر چيني جي سفير جو چوڻ آهي ته چيني ڪمپنيون ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ آهن. چين کان آيل خصوصي جهاز کي ڪراچي جي جناح ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرايو ويو. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه چين کان آيل ماسڪ ۽ ڪورونا وائرس جون ٽيسٽنگ ڪٽس وصول ڪيون. جهاز پهچڻ تي چيني سفير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چيني ڪمپنيون ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ آهن.