چين پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو تياريون مڪمل ڪري ورتيون

بيجنگ :  بٽ ڪوئين ۽ فيس بڪ طرفان ڊجيٽل ڪرنسي لبرا جي جاري ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ چين پڻ پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. جنهن سان حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ کي اهو ڄاڻڻ ۾ آساني ٿيندي ته ماڻهو پنهنجا پئسا ڪٿي خرچ ڪن ٿا. اقتصادي ماهرن موجب ڊجيٽل ڪرنسي ٻين ڪرنسيز وانگر آزاد نه هوندي، ان کي استعمال ۾ آڻڻ وارن صارفين جي مني ٽريل ڪو حاصل نه ڪري سگهندو. ماهرن موجب چين جي نقد خريداري نظام کي سختي سان لاڳو رکيو ويندو جنهن جي ذميواري مرڪزي بئنڪ وٽ هوندي.