چين جي شهر شنگهائي ۾ نئي ريلوي لائنز وڇائڻ لاءِ 43.28 بلين ڊالر جي منصوبي جي منظوري

بيجنگ (واپار ڊيسڪ) چين جي حڪومت شنگهائي ۾ نئي ريلوي لائنز وڇائڻ جي 43.28 بلين ڊالر جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. چين جي نيشنل ڊويلپمنٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي ويب سائٽ تي جاري هڪ بيان موجب شنگهائي ۾ 286.1 ڪلوميٽر 6 سب وي لائنز ۽ 3 انٽر سٽي ريلويز لائنز تعمير ڪيون وينديون جن تي 298.35 يوآن (43.28 بلين ڊالر) خرچ ايندو.